حاڪم علي زرداري جو وڇوڙو
ذوالفقار قادري
نوابشاهه جي ڳوٺ فتوحل زرداري جو حاجي سجاول زرداري نه فقط زميندار هو، بلڪه زردارين جي اٺن پاڙن کيس پنهنجو چڱو مڙس به چونڊيو هو. سجاول زرداري جي وفات بعد سندس پڳ سندس پٽ محمد حسين زرداريءَ کي ٻڌائي وئي. حاجي محمد حسين زرداري کي پنج پٽ ٿيا، جن مان ٽئين نمبر پٽ حاڪم علي زرداري شهرت ماڻي.
حاڪم علي زرداري 1930ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ فتوحل زرداري ۾ پيدا ٿيو. حاڪم علي زرداري جي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ ٿي. ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ داخلا ورتائين، جتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ورتائين. حاڪم علي زرداري جي شادي ڪراچي جي سنڌ مدرسته الاسلام جي باني حسن علي آفندي جي پوٽيءَ سان ٿي. حسن علي آفندي وارا اصل ۾ سعيد آباد جا ميمڻ هئا، ترڪيءَ جي سلطان جي مدد ڪرڻ بعد کين آفندي جو خطاب مليو. حسن علي آفندي جي وڏي فرزند خان بهادر علي محمد آفندي کي قانون جو ابو سڏيو ويندو هو. ان جو ٻيو پٽ حسين علي آفندي حيدرآباد سينٽرل جيل جو سپرنٽنڊنٽ هو، حاڪم علي زراري جي شادي ان جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ آصف علي زرداري، ٽي نياڻيون عذرا، فريال ۽ فوزيه پيدا ٿيون. حاڪم علي زرداري ٻه شاديون ڪيون.
حاڪم علي زرداري شروعاتي ڏينهن ۾ زمينداري طرف وڌيڪ توجهه ڏني، پر اڳتي هلي هن تعميرات ۽ فلم سازي طرف توجهه ڏني. حاڪم علي زرداري اهو پهريون سنڌي سيڙپڪار هو، جنهن ان شوبز واري شعبي ۾ قدم رکندي صدر ڪراچيءَ ۾ ريگل واري علائقي ۾ ٻن جاڙين سئنيمائن جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ بمبينو ۽ اسڪالا سان گڏ سئنيما هائوس جي نالي سئنيما هائوس قائم ڪيا. چارلس ۽ صوفيه لارين کي اداڪار طور پسند ڪندڙ رئيس حاڪم علي زرداري نه فقط سئنيما هائوس قائم ڪيا، پر فلم تقسيم ڪار، نمائش ڪار ۽ پيش ڪار طور به انهيءَ شعبي ۾ پنهنجا جوهر آزمايا. رئيس حاڪم علي زرداري هڪ سنڌي فلم ”سورٺ“ به ٺاهي، جنهن باڪس آفيس تي چڱو بزنس ڪيو.
1965ع ۾ ايوب خان جي بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺي، هن عملي سياست جو آغاز ڪيو ۽ ضلع ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو ويو، بعد ۾ ڊويزنل ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به چونڊيو ويو. جڏهن جنرل ايوب خان ۽ فاطمه جناح جو مقابلو ٿيو ته حاڪم علي زرداري فاطمه جناح جي حمايت ڪئي. نوابشاهه جي سياست سيدن ۽ جتوئين جي وچ ۾ گهمندي رهي، ذوالفقار علي ڀٽي کي نوابشاهه جي سياست ۾ هڪ نئين انٽري جي تلاش هئي. هونئن به ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو گهر 70 ڪلفٽن ۽ حاڪم علي زرداري جو سول لائين وارو بنگلو A-225 گهڻو پري ڪونهن، وچ ۾ رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڀاءُ ڊاڪٽر غفار جتوئي جي مڊ ايسٽ اسپتال آهي. سو جڏهن 1970ع جون چونڊون پئي ٿيون ته حاڪم علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کيس نوابشاهه مان قومي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني ۽ رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي برادريءَ کي گڏ ڪري نوابشاهه جي لطيف هال ۾ آل سنڌ زرداري ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو ۽ کيس ان ايسوسيئيشن جو مرڪزي صدر پڻ چونڊيو ويو. پوءِ اڳتي هلي کيس پنهنجي زرداري برادريءَ سرداريءَ جي پڳ به ٻڌرائي. 1977ع ۾ جنرل ضياءَ پاران ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد حاڪم علي زرداري به پ پ ڇڏي ولي خان جي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ شموليت ڪئي، کيس سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو. 1985ع ۾ جنرل ضياءَ پاران غير جماعتي چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري ۽ آصف علي زرداري نوابشاهه جي تڪ تان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان چونڊون وڙهيون، پر نوابشاهه جي سيد فيملي هٿان ٻئي پيءُ پٽ هارائي ويا.
حاڪم علي زرداري کي جتي هالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جي بهترين فلمن جي نمائش جو اعزاز حاصل رهيو، اتي کيس بهترين گهوڙن، اٺن ۽ ڏاچين پالڻ جو به شوق رهيو. اڄ به سنڌ ۾ سمن سرڪار کان وٺي ڄام ڏاتار تائين لڳندڙ ميلن ۾ زردارين جا گهوڙا ۽ مرحوم شاهنواز جوڻيجي جا ڪميت پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڊسمبر 1987ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي پياري ڌيءَ بينظير ڀٽو رئيس حاڪم علي زرداري جي پٽ آصف علي زرداري جي شريڪ حيات بڻي. رئيس حاڪم علي زرداري لاءِ اهو زندگي جو يادگار ترين ڏينهن هو. 1988ع وارين چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري شبير احمد شاهه کي هارائي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين سرڪار ۾ کيس پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1990ع جي چونڊن ۾ هار کاڌائين ۽ وري 1993ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. 1996ع ۾ بينظير ڀٽو سرڪار جي صدر فاروق لغاري هٿان خاتمي بعد هو پنهنجي پٽ آصف علي زرداري سان گڏ عتاب هيٺ رهيو. نواز شريف سرڪار ۽ مشرف سرڪار جي ڏينهن ۾ هو ڪجهه عرصو جيل بعد ڪورٽ جي آرڊر تي اسپتال ۾ زير علاج رهيو ۽ اسپتال جي وارڊن کي سب جيل قرار ڏنو ويو. حاڪم علي زرداري ڪافي عرصي کان بيمار رهيو ۽ نيٺ ڪالهه وفاقي گاديءَ واري شهر جي هڪ اسپتال ۾ ڊگهي بيماريءَ بعد خالق حقيقي سان وڃي مليو. [email protected]
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: [email protected] —- [email protected]
hello there and thank you for your information – I have
certainly picked up something new from right here. I did however expertise several technical points using this website, as I experienced to reload the web site lots of times previous
to I could get it to load correctly. I had been wondering if
your hosting is OK? Not that I’m complaining, but sluggish loading instances times will very frequently affect your placement in google and can damage your high-quality score if ads and marketing with Adwords. Anyway I’m adding
this RSS to my e-mail and can look out for much more of your respective exciting content.
Make sure you update this again soon.
excellent Post !very nice article keep it up friend ahson abbas shah !
حاڪم علي زرداري جو وڇوڙو
ذوالفقار قادري
نوابشاهه جي ڳوٺ فتوحل زرداري جو حاجي سجاول زرداري نه فقط زميندار هو، بلڪه زردارين جي اٺن پاڙن کيس پنهنجو چڱو مڙس به چونڊيو هو. سجاول زرداري جي وفات بعد سندس پڳ سندس پٽ محمد حسين زرداريءَ کي ٻڌائي وئي. حاجي محمد حسين زرداري کي پنج پٽ ٿيا، جن مان ٽئين نمبر پٽ حاڪم علي زرداري شهرت ماڻي.
حاڪم علي زرداري 1930ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ فتوحل زرداري ۾ پيدا ٿيو. حاڪم علي زرداري جي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ ٿي. ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ داخلا ورتائين، جتان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ورتائين. حاڪم علي زرداري جي شادي ڪراچي جي سنڌ مدرسته الاسلام جي باني حسن علي آفندي جي پوٽيءَ سان ٿي. حسن علي آفندي وارا اصل ۾ سعيد آباد جا ميمڻ هئا، ترڪيءَ جي سلطان جي مدد ڪرڻ بعد کين آفندي جو خطاب مليو. حسن علي آفندي جي وڏي فرزند خان بهادر علي محمد آفندي کي قانون جو ابو سڏيو ويندو هو. ان جو ٻيو پٽ حسين علي آفندي حيدرآباد سينٽرل جيل جو سپرنٽنڊنٽ هو، حاڪم علي زراري جي شادي ان جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ آصف علي زرداري، ٽي نياڻيون عذرا، فريال ۽ فوزيه پيدا ٿيون. حاڪم علي زرداري ٻه شاديون ڪيون.
حاڪم علي زرداري شروعاتي ڏينهن ۾ زمينداري طرف وڌيڪ توجهه ڏني، پر اڳتي هلي هن تعميرات ۽ فلم سازي طرف توجهه ڏني. حاڪم علي زرداري اهو پهريون سنڌي سيڙپڪار هو، جنهن ان شوبز واري شعبي ۾ قدم رکندي صدر ڪراچيءَ ۾ ريگل واري علائقي ۾ ٻن جاڙين سئنيمائن جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ بمبينو ۽ اسڪالا سان گڏ سئنيما هائوس جي نالي سئنيما هائوس قائم ڪيا. چارلس ۽ صوفيه لارين کي اداڪار طور پسند ڪندڙ رئيس حاڪم علي زرداري نه فقط سئنيما هائوس قائم ڪيا، پر فلم تقسيم ڪار، نمائش ڪار ۽ پيش ڪار طور به انهيءَ شعبي ۾ پنهنجا جوهر آزمايا. رئيس حاڪم علي زرداري هڪ سنڌي فلم ”سورٺ“ به ٺاهي، جنهن باڪس آفيس تي چڱو بزنس ڪيو.
1965ع ۾ ايوب خان جي بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺي، هن عملي سياست جو آغاز ڪيو ۽ ضلع ڪائونسل نوابشاهه جو ميمبر چونڊيو ويو، بعد ۾ ڊويزنل ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به چونڊيو ويو. جڏهن جنرل ايوب خان ۽ فاطمه جناح جو مقابلو ٿيو ته حاڪم علي زرداري فاطمه جناح جي حمايت ڪئي. نوابشاهه جي سياست سيدن ۽ جتوئين جي وچ ۾ گهمندي رهي، ذوالفقار علي ڀٽي کي نوابشاهه جي سياست ۾ هڪ نئين انٽري جي تلاش هئي. هونئن به ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو گهر 70 ڪلفٽن ۽ حاڪم علي زرداري جو سول لائين وارو بنگلو A-225 گهڻو پري ڪونهن، وچ ۾ رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڀاءُ ڊاڪٽر غفار جتوئي جي مڊ ايسٽ اسپتال آهي. سو جڏهن 1970ع جون چونڊون پئي ٿيون ته حاڪم علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کيس نوابشاهه مان قومي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني ۽ رئيس حاڪم علي زرداري پنهنجي برادريءَ کي گڏ ڪري نوابشاهه جي لطيف هال ۾ آل سنڌ زرداري ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو ۽ کيس ان ايسوسيئيشن جو مرڪزي صدر پڻ چونڊيو ويو. پوءِ اڳتي هلي کيس پنهنجي زرداري برادريءَ سرداريءَ جي پڳ به ٻڌرائي. 1977ع ۾ جنرل ضياءَ پاران ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد حاڪم علي زرداري به پ پ ڇڏي ولي خان جي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۾ شموليت ڪئي، کيس سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو. 1985ع ۾ جنرل ضياءَ پاران غير جماعتي چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري ۽ آصف علي زرداري نوابشاهه جي تڪ تان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان چونڊون وڙهيون، پر نوابشاهه جي سيد فيملي هٿان ٻئي پيءُ پٽ هارائي ويا.
حاڪم علي زرداري کي جتي هالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جي بهترين فلمن جي نمائش جو اعزاز حاصل رهيو، اتي کيس بهترين گهوڙن، اٺن ۽ ڏاچين پالڻ جو به شوق رهيو. اڄ به سنڌ ۾ سمن سرڪار کان وٺي ڄام ڏاتار تائين لڳندڙ ميلن ۾ زردارين جا گهوڙا ۽ مرحوم شاهنواز جوڻيجي جا ڪميت پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڊسمبر 1987ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي پياري ڌيءَ بينظير ڀٽو رئيس حاڪم علي زرداري جي پٽ آصف علي زرداري جي شريڪ حيات بڻي. رئيس حاڪم علي زرداري لاءِ اهو زندگي جو يادگار ترين ڏينهن هو. 1988ع وارين چونڊن ۾ حاڪم علي زرداري شبير احمد شاهه کي هارائي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين سرڪار ۾ کيس پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. 1990ع جي چونڊن ۾ هار کاڌائين ۽ وري 1993ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. 1996ع ۾ بينظير ڀٽو سرڪار جي صدر فاروق لغاري هٿان خاتمي بعد هو پنهنجي پٽ آصف علي زرداري سان گڏ عتاب هيٺ رهيو. نواز شريف سرڪار ۽ مشرف سرڪار جي ڏينهن ۾ هو ڪجهه عرصو جيل بعد ڪورٽ جي آرڊر تي اسپتال ۾ زير علاج رهيو ۽ اسپتال جي وارڊن کي سب جيل قرار ڏنو ويو. حاڪم علي زرداري ڪافي عرصي کان بيمار رهيو ۽ نيٺ ڪالهه وفاقي گاديءَ واري شهر جي هڪ اسپتال ۾ ڊگهي بيماريءَ بعد خالق حقيقي سان وڃي مليو.
[email protected]
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: [email protected] —- [email protected]
mar gaya hai ppp walo ab yay lanti aur aik laanti ko is mulk main chor gaya hai ab isay pojna chor do………………