My Benazir lives -by Saria Benazir
BENAZIR – I screech out to top of the volume, as much as my larynx could afford.
Engraving the name “Benazir” – it fills my eyes with tears & breaks my heart into trillions. I ramble here and there, oblivious, hopeless and comatose in the boulevards packed with blood.
Where is my Benazir?? I bellow, but there wasn’t anyone to rejoinder me, I’ve been asking the same from the dismal sun, the shadowy moon and the hushed winds – were they too insensitive enough to overlook a young girl’s cries? I continue to saunter in dimness; no one is there to provide me with a candle to cope with the sinister night. I’ve been listening to the rumbles of the scavengers, but there is no one in the entire world to shield me.
Every face appeared to have transformed, for I could scarcely find a smile on the face the most vicious person on the earth. I fall in a deep sea – too unfathomable for me to drown into it. It is blood, and I can feel a perpetual placate in it, but why?? I utter it again and again “Please – take me to my Benazir”, no one is paying any heed to my words.
“This blood would not go waste” – It appears the voice of my life’s sole fervor.
Again, I hear: “To you, the youth, we pass the torch of leadership, baptized in the sacred blood of our martyrs”. Don’t tell me, it’s your blood; every single breath of mine is associated with you, you can’t be killed. “You can kill a man, but not an idea” – I hear a voice like Benazir’s repeatedly: “You cannot murder a legacy”. – it was the murkiest night of my life, when I lost my leader Shaheed Mohtarmah Benazir Bhutto, but her blood did give me some courage to take a gulp of air.
June 21, 1953 – the sun rose from the East and blessed the world with the Daughter of the East. The baby with “pinky” cheeks was destined to be the “Benazir” of Pakistan and struggle to make a “Benazir” Pakistan. Brought up with immense fondness, no one could ever reckon that “Pinky” would have to battle against so many vultures.
Her existence began with optimism. As a student of Harvard and Oxford, her empathy would only pound for Pakistan and she had dedicated her life to making her country a prosperous one. Despite living in deluxe, she had an enormous revere and love for her native land’s mores and rituals. Blessed with amazing qualities of head and heart, Pinky had to materialize the vision of and fulfill the anticipations of her father, from whom she inherited the love and concern for the people. Her struggle from the first female foreigner to win the presidency of the prestigious Oxford Debating Society to the youngest and the first ever Muslim woman to head a Muslim state is a fable of anguishes and bloodshed, and of tortures and exiles.
A young girl, whose father was previously murdered by Zia ul Haq, was now the victim of the tyrannies of the same predator, who left no opportunity to harm her, but Benazir did face all with patience and in the end, it is the forces of democracy and justice which triumph. Her endeavor to bring about an egalitarian government in Pakistan was though, filled with thorns, but the December of 1988 gave a fatal trounce to the dictators and proved the authenticity in the words of Quaid e Awam Shaheed Zulfiqar Ali Bhutto: “My daughter Benazir would become Benazir in the history of the Sub – Continent”.
During her terms as the Prime Minister of Pakistan, Mohtarmah Benazir Bhutto worked assiduously to assist the underprivileged of her state and make Pakistan, an exemplary nation for the rest of the Muslim World to follow, but the heirs of Zia ul Haq couldn’t stomach the development of the state and continued to conspire to terminate democracy and ended up making fake corruption charges against her and her husband. Every being is forced to bow in admiration of her courage, who, despite facing grave hardships did not discontinue to fight for democracy and the rights of her people. The days of her exile, during which she had to attend to her ailing mother, look after the kids and prove the innocence of her captured husband ache every heart.
Though, the realities were too vindictive, but Benazir returned to her state with a BENAZIR nerve, audacity – that was nowhere else to be found. Copious chanting out for Benazir & of course, the world can never close eyes to the martyrs of Karsaz, who gave up their own lives to shield their leader & so many, who became crippled. History never witnessed a day like October 18, 2007 – The day, when the soil of Pakistan gained its life, as Benazir’s feet touched it.
“Despite threats of death, I will not acquiesce to tyranny, but rather lead the fight against it” and the cost of this fight was her blood and she willingly gave even the last drop of it for her motherland. To this day, no one can impede the world from chanting out “ZINDA HAI BIBI, ZINDA HAI”, for she dwells in every psyche and rules the humankind from her grave. Those, who assassinated her were too naïve to the fact that Bhutto –ism has come to exist forever & Benazir lives in the form of President Asif Ali Zardari, Bilawal, Bakhtawar and Aseefa Bhutto Zardari. She, indeed, is a source of eternal guidance for us and her struggle and sacrifice sets an instance for the future generations to follow. Whatever I am this day, I owe it to her inspiration and no one can substitute for the vacuum, created by her brutal assassination.
“I know death comes. I’ve seen too much death, young death.”
MY BENAZIR LIVES…….
Happy Birthday
شهيد ڀيڻ سان هڪ وچن!
حميرا علواڻي
اڄ 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي، هن 1953ع ۾ اڄوڪي ڏينهن تي جنم ورتو. سندس نالو بينظير معني ”لاثاني“ رکيو ويو ۽ وقت ثابت ڪيو ته واقعي هو لاثاني ۽ بي مثال هئي، جنهن کي دنيا مڃيو، جيڪا پاڪستان جي ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندي هئي/آهي بينظير پنهنجي پيءُ جي سياسي وارث هئي، جنهن کي پاڪستان جي غريب عوام سان پيار به پنهنجي پيءُ وٽان ورثي ۾ ملي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو 2 ڊسمبر 1988ع تي هڪ مسلمان ملڪ جي پهرين عورت وزير اعظم جنهن جي عمر ان وقت فقط 35 سال، وزير اعظم پاڪستان جي عهدن جو حلف کنيو، سڄي اسلامي دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال ئي موجود ڪو نه آهي ته دنيا جي سڀني کان ننڍي عمر جي وزير اعظم هڪ اهڙي خاتون، جيڪا يارهن سالن جي ڊگهي عرصي تائين فوجي آمريت جي ڏمر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار رهي، آمر کيس جهڪائڻ لاءِ نَنهن چوٽيءَ جا زور لاٿا، پر هو پنهنجي موقف تان نه لٿي ۽ سر تري تي رکي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مسلسل جدوجهد ڪندي رهي.
3 ۽ 4 اپريل 1979ع جي وچ واري رات هڪ دور جو خاتمو ٿيو، وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، جنهن کي عدالتي قتل قرار ڏنو وڃي ٿو، بينظير صاحبه ۽ سندس والده کي بار بار گرفتار ڪيو ويو، ڪڏهن کيس ڪراچي ته ڪڏهن سهالا پوليس ڪيمپ ۾، ته ڪڏهن کيس باهه جيان دکندڙ سکر جي گرم جيل ۾ نظربند رکيو ويو، ڏوهه فقط شهيد ڀٽي جي نياڻي هجڻ هو، جنهن آمر سامهون سر جهڪائڻ بدران، ڦاهي جي ڦندي کي چمي شهادت ماڻڻ قبول ڪيو، بينظير صاحبه جي والده نصرت ڀٽو کيس جيل ۾ اهو چيو ته ”تون پنهنجي جواني جيل جي عذابن ۽ سختين ۾ گذاري ڇڏي آهي!“. پر محترمه بينظير ڀٽو جواب ڏنو ته، ”پاڪستان ۾ ڪروڙين ماڻهو مون کي پنهنجو سهارو ۽ ڀرجهلو سمجهيو ويٺا آهن، مون پنهنجي زندگي انهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، هاڻ منهنجي زندگي هنن جي امانت آهي“.
1986ع ۾ شهيد ڀٽو جي اها عظيم نياڻي جڏهن ملڪ موٽي، لاهور ايئر پورٽ تي لٿي ته لکين ماڻهن سندس پروجوش استقبال ڪيو، ڊسمبر 1987ع ۾ آصف علي زرداري سان بينظير ڀٽو جي شادي ٿي، 10 اپريل 1988ع تي اوجهيڙي ڪيمپ جي واقعي کان پوءِ جنرل ضياءَ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق جو جهاز ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو، ان کان پوءِ عام چونڊن جو اعلان ٿيو، 16 نومبر 1988ع جي اليڪشن ڏينهن تي پ پ پ جي سوڀ ٿي ۽ بينظير صاحبه بطور وزير اعظم حلف کنيو، ملڪ جيڪو يارنهن سالن جي آمريت ڪري سئو سال پٺيان ٿي ويو هو، ان ۾ اها ترقي عوام دشمن ۽ آمرن کي پسند نه آئي ۽ نيٺ 5 آگسٽ 1990ع تي 23 صفحن جي هڪ چارج شيٽ پڙهي، پ پ پ جي عوامي حڪومت (18 مهينن جي) ختم ڪئي وئي، ان کان پوءِ هڪ نگران سيٽ اپ قائم ڪري، ڌانڌليون ڪري اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن کي اقتدار ڏنو ويو، پر عوامي نمائندا نه هجڻ ڪري کين آخر ٻيهر اليڪشن ڪرائڻي پئي، نيٺ پ پ پ وري 1993ع ۾ اليڪشن کٽي حڪومت ۾ آئي ۽ بينظير صاحبه ٻيو ڀيرو بطور وزير اعظم حلف کڻي جمهوريت آندي، پر آمرن جي ساٿين کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ ان سازش ذريعي محترمه بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪرايو ۽ الزام پڻ شهيد محترمه مٿان هنيو ويو، نيٺ تڏهوڪي صدر فاروق لغاري پ پ پ جي حڪومت ختم ڪئي ۽ ان کان پوءِ بينظير صاحبه ۽ سندس وَر آصف علي زرداري مٿان ڪوڙا ڪيس، ميڊيا ٽرائيل شروع ڪري آصف زرداري کي جيل موڪليو ويو، محترمه بينظير،نصرت ڀٽو صاحبه، پ پ پ جي اڳواڻن ۽ ورڪرن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، نيٺ محترمه بينظير ڀٽو کي پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرڻي پيئي! 18 آڪٽوبر 2007ع تي جلاوطني ختم ڪري محترمه بينظير ڪراچي پهتي ته ايئر پورٽ تي لکين ماڻهن تاريخي استقبال ڪيو، ان ڏينهن ڪراچي ”بينظير آئي گي، روزگار لائي گي“. جي نعرن سان گونجي اٿيو. 18 آڪٽوبر 2007ع بم ڌماڪن ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، محترمه بينظير ڀٽو کي خبر هئي ته سندس جان کي خطرو آهي، حملن جي ملندڙ ڌمڪين باوجود محترمه بينظير حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، نوابشاهه، جيڪب آباد، رحيم يار خان، مظفر ڳڙهه، ڪوئيٽا، پشاور ۾ عظيم الشان جلسا ڪيا، 27 ڊسمبر 2007ع تي پنڊيءَ جي لياقت باغ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪري نڪتي ته 5:25 منٽن تي جلسي گاهه ٻاهران فائرنگ ۽ ڌماڪن ۾ شديد زخمي ٿي، ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيائين، بي بي جي شهادت ڪنهن قيامت کان گهٽ ته نه هئي، يقين ئي ڪو نه آيو پئي ته چند گهڙيون اڳ جلسي ۾ هٿ لوڏي نعرا هڻندڙ، مرڪندڙ، ليڊر اسان جي وچ ۾ ناهي رهي.
اڄ 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگرهه تمام گهڻي عقيدت ۽ احترام سان سڄي ملڪ ۾ ملهائي پئي وڃي، اڄ ان جي سالگرهه جو ڪيڪ ته نه ڪٽيو ويندو، پر مون وانگر الائي ڪيتريون ورڪر سندس ساٿي، سندس ٻانهه ٻيلي، ساڳي ڪيفيت مان گذرندا هوندا، اڄ اسان کي سندس ڪميءَ جو احساس ٿي رهيو آهي، اڄ وري سندس مزار آڏو دُعا سان گڏوگڏ پنهنجي دل جا احوال اورينداسين، سچ ته شهيد زنده آهن، اهي شخصيتون اسان کي اهو پڻ سبق ڏين ٿيون ته ڪنهن ڊڪٽيٽر، آمر يا ظالم خلاف حق جو علم بلند ڪرڻ، انهن خلاف وڙهڻ ئي دراصل زندگيءَ جو اصل مقصد آهي.
شهيد بينظير ڀٽو جنهن جو منشور ۽ مشن غريبن، هارين، مزدورن، عورتن ۽ مظلومن کي برابري جا حق ڏيارڻ ۽ کين تعليم، صحت ۽ روزگار ڏيارڻ هو، هوءَ جيڪا ملڪ جي واحد اعتدال پسند اسڪالر، خاتون ليڊر هئي، جنهن جي ڪري پاڪستان جو نالو دنيا ۾ مشهور هو، جنهن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف قدم کڻڻ جو عزم ڪيو، جنهن سياست مان عملي طور تي فوجي مداخلت ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، هوءَ نه رڳو پاڻ ملڪ واپس آئي، پر نواز شريف لاءِ پڻ راهه هموار ڪيائين، هن اليڪشن شفاف، منصفاڻا ۽ غير جانبدار ڪرائڻ جي گهر ڪئي، پاڪستان کي آزاد، خودمختيار ۽ جمهوري فلاحي ملڪ بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو، اڄ اُن شهيد راڻيءَ جي سالگراهه آهي، اڄوڪي ڏينهن تي اسان عوام سان اهو عهد ٿا ڪريون ته شهيد محترمه جي منشور ۽ ڇڏيل مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکنداسين ۽ جيڪڏهن قرباني ڏيڻي پئي ته اُن جي نقش قدم تي هلندي اُها پڻ ملڪ جي عوام لاءِ ضرور ڏينداسين!
alwani@cyber.net.pk
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com —- thekawish_hyd@yahoo.com
رحمان ملڪ کي سنڌ جي صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند کان روڪيو وڃي
جي اين مغل
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رحمان ملڪ پاڪستان جو گهرو معاملن وارو وفاقي وزير آهي ۽ سندس تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي، پر سنڌ واسي ڪافي عرصي کان ان ڳالهه کي پسند نه ٿا ڪن ته وفاق جو صاحب ايئن روز روز سنڌ جي اندرين معاملن ۾ مداخلت ڪري، پاڪستان ۾ آئين جي حڪمراني آهي. خاص طور ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ پي پي درست طور تي دعويٰ ڪري ٿي ته انهيءَ ترميم کان پوءِ ملڪ ۾ صوبن کي ڪنهن حد تائين گهربل خودمختياري ڏني وئي آهي، پر وفاقي گهرو وزير جي سنڌجي معاملن ۾ اجائي مداخلت سبب اهو تاثر ختم ٿي رهيو آهي ته هاڻ صوبا خودمختيار آهن، وفاقي وزير جي سنڌ جي معاملن ۾ باربار مداخلت سبب ڪجهه سياسي مبصر رحمان ملڪ کي مذاق ۾ ئي سهي، پر سنڌ جو ”وائسراءِ“ سڏڻ لڳا آهن، سنڌ جو پنهنجو وڏو وزير آهي. آئين مطابق هوئي سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي، ان ڪري ڪنهن کي به اهو حق نه آهي ته هو سيد قائم علي شاهه جي اختيارن تي چڙهت ڪري، جيستائين سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري جو تعلق آهي ته حقيقت اها آهي ته رينجرز سنڌ سرڪار جي گُهر تي سنڌ ۾ مقرر نه ٿي هئي پر گهڻو وقت اڳ جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيل فئڪٽر دوران نيشنل هاءِ وي تان پاڪستان جي مٿين حصن ڏانهن ويندڙ ٽرئفڪ ۾ بار بار رڪاوٽ پئدا ٿيندي هئي يان ڪراچي ۾ دهشت گردي عروج تي هئي ته ان وقت مرڪزي سرڪار حڪم ڪيو ته سنڌ ۾ رينجرز مقرر ڪئي وڃي ۽ واضح ڪيو ته ان تي ايندڙ سمورو خرچ مرڪزي سرڪار برداشت ڪندي بعد ۾ ڪجهه وقت کان پوءِ مرڪزي سرڪار انهي اعلان تان ڪنهن حد تائين ڦري وئي، ۽ طئي ڪيو ويو ته سنڌ ۾ رينجرز تي ايندڙ خرچ جو اڌ مرڪز ڀريندو ۽ باقي اڌ سنڌ سرڪار ڀريندي، ڪجهه وقت کان پوءِ مرڪزي سرڪار مڪمل طور تي پنهنجي اصل اعلان تان ڦري وئي ۽ سنڌ سرڪار کي چيو ويو ته رينجرز تي ايندڙ سمورو خرچ سنڌ سرڪار ڀريندي، ان کانسواءِ رينجرز صوبي جي ڪئين تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن تي ڪنٽرول ڪري ويٺي آهي، جنهن ڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ صوبي جي ٻين شهر جي تعليم تي خراب اثر پئجي رهيو آهي.
هونئن به رينجرز جي ڪارڪردگي اسان جي اڳيان آهي، رينجرز هيستائين ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي امن امان قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪو اهڙو ڪارنامو سرانجام نه ڏيئي سگهي آهي، جنهن جي کڻي تعريف ڪجي، الٽو وقت به وقت پر امن شهرين تي گوليون هلائي ماريندي رهي آهي، ان جا ڪئين مثال ڏيئي سگهجن ٿا، تازو مثال رينجرز طرفان هڪ فرد سرفراز شاهه کي بوٽ بيسن ويجهو سرعام گوليون هڻي مارڻ آهي، رينجرز کي اهو قتل ان ڪري نه ڦٻي سگهيو، جو ڪئميرا جي اک ان سڄي ڪارروائي جي فلمبندي ڪئي ۽ بعد ۾ هر ٽي وي چئنل جي اسڪرين تي اها ڊاڪيومينٽري ڏيکاري هئي، پر عام راءِ اها آهي ته رينجرز کي اهڙا ڪئين قتل ان ڪري ڦٻي ويا جو انهن کي ڪنهن ٽي وي چئنل جي ڪئميرا فلمبند نه ڪيو، ان سلسلي ۾ خود پ پ جا مرڪزي اڳواڻ ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرز هٿان لياري ۾ ٻن نوجوانن جي قتل جو ذڪر ڪندا رهيا آهن.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي رينجرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ بدران پوليس جي نفري وڌائي وڃي، ان کي هر طرح وڌيڪ بهتر سکيا ڏني وڃي، بهتر هٿيار ڏنا وڃن ۽ وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ پوليس تي سنڌ سرڪار جي اٿارٽي ته هوندي، جيڪڏهن، رينجرس جهڙي ايجنسي جو سنڌ ۾ هئڻ انتهائي ضروري آهي ته پوءِ سنڌ ۾ پنهنجي پئرا ملٽري فورس ڇو نه جوڙي وڃي، بهرحال سنڌ ۾ رينجرز جي مقرري جو ڪو به جواز نه آهي، هونئن به رينجرز کي سکيا بارڊر تي نظرداري ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي آهي. اهي شهرن ۽ سول سوسائٽي جي اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي کان بلڪل الڙ هوندا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رينجرز کي سنڌ مان واپس ڪيو وڃي ۽ رينجرز جي هٿان سرفراز شاهه جي ٿيل قتل جي عدالتي تحقيقات جو حڪم ڏنو وڃي ۽ وفاقي ادارا توڙي وفاقي اختياريون هروڀرو سنڌ جي اندرين علائقن ۾ مداخلت کان پرهيز ڪن. سنڌ جي اختيارين ۽ ادارن کي ڇڏيو وڃي ته هو آئين تحت پنهنجو ڪردار آزاداڻي نموني ادا ڪن ته جيئن هنن ۾ اعتماد پيدا ٿي سگهي.
اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ بغير رهي نه ٿو سگهجي ته تازو سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبي جي مالي سال 12-2011ع واري بجيٽ پيش ڪرڻ وقت ڪيل تقرير ۾ رينجرز جون مراعتون گهٽائڻ ۽ ان کي سنڌ جي گهرو کاتي جي ماتحت ڪرڻ جي سلسلي ۾ انيڪ اعلان ڪيا، ان بجيٽ ۽ ناڻي واري وزير جي بجيٽ واري تقرير جي منظوري سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سندس صدارت ۾ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڏني وئي، ان کان سواءِ ان ڳالهه کي به رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير ۾ رينجرز جون مراعتون گهٽائڻ جو فيصلو سڄي اشو جو چڱي ريت جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو هوندو، انهن مڙني حقيقتن جي باوجود گهرو معاملن وارو وفاقي وزير اسلام آباد مان اچي وڏي وزير سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ اهي مراعتون ۽ رينجرز جي اصل حيثيت بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ ڇا اهي مراعتون ۽ رينجرز جي اصل حيثيت بحال ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس سڏائي ان کان ان جي مرضي ورتي وئي هئي؟ هيستائين جي اطلاعن مطابق وفاقي وزير جي ان اعلان کان اڳ سنڌ ڪابينا جو ڪو به اهڙو اجلاس نه ٿيو هو ته پوءِ وفاقي وزير سنڌ ڪابينا جي منظوري کان سواءِ اهڙو اعلان ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ حڪومت جي رولز آف بزنس مطابق شايد سنڌ جو وڏو وزير به ڪابينا جي منظوري کان سواءِ اهڙو ڪو به فيصلو واپس نه ٿو وٺي سگهي، جيڪو ان کان اڳ سنڌ ڪابينا جي اجلاس۾ ڪيو ويو هجي، جيڪڏهن سنڌ جي وڏي وزير به ايئن ڪيو آهي ته کيس به ايئن نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان سنڌ جي انتظامي تاريخ ۾ غلط مثال قائم ڪيا پيا وڃن، اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته سيد قائم علي شاهه نه فقط قانون دان آهي پر هڪ تجربيڪار منتظم پڻ آهي، پاڻ هن کان اڳ سنڌ جو وزير، وفاقي وزير به رهي چڪو آهي ۽ هينئر هو ٻيو ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو آهي، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سيد قائم علي شاهه نرم گفتار شخصيت جو مالڪ ۽ سڀني کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ واري سياست تي ڪاربند رهندو آيو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو وفاقي وزير جي انهن ”مشورن“ کي هو رد نه ڪري سگهيو ۽ انهن مراعات کي بحال ڪرڻ سان اتفاق ڪيو، جن کي سنڌ ڪابينا سندس صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ گهٽائي چڪي هئي، ضرورت هاڻي ان ڳالهه جي آهي ته ان ڳالهه جو احساس ڪيو وڃي ته اهڙيون روايتون قائم ڪرڻ سان سنڌ جي صوبائي خودمختياري ۽ سنڌ جي عوام جي نفسيات تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو ۽ اڳيان هلي ان جا شايد ڪي سٺا نتيجا نه نظر ايندا.
(gnmughul@yahoo.com)
whole of pakistan is not PPP and PPP is not whole pakistan, this means that with a vote bank of 20%, they always take away the seats in parliament and under such fraud democracy (with 45% fake votes listed) they claim to be the champions of democracy. the whole fight of this family was for money and power.
jiyalas have given bhuttos the status of “saints” and people remember how zardari shouted “kufr” at one of the occasions.
these secularist, who donot believe in islamic principles are only following mackavele and chankia.
BB is dead but she did a terrible mistake of writing a(fake)will in support of her husband who is working tirelessly in detroying Pakistan on every front. May ALLAH forgive BB.