لاهور ۾ جمعي ڏينهن شهباز شريف جي دونهيندار خطاب دوران لڳندڙ نعرن ”نواز شريف قدم وڌاءِ اسان تو سان گڏ آهيون“ ٻڌي مون کي وچ 2007 جي هڪ شام ياد اچي وئي، جڏهن ميان نواز شريف لنڊن کان برطانيا جي هڪ ٻئي شهر پاڪستانين جي هڪ جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ ويو هو، مان به ان ٽرين ۾ سوار هُئس ۽ پنهنجي اخبار دي نيوز لاءِ ڪوريج ڪري رهيو هئس، جڏهن نواز شريف جي تقرير جو وارو آيو ته هال ۾ پرجوش پاڪستانين انهن ئي نعرن سان شروعات ڪئي، نواز شريف قدم وڌاءِ اسان تو سان گڏ آهيون.
نواز شريف چپ ڪري انهن نعرن جي جهڪي ٿيڻ جو انتظار ڪندو رهيو ۽ پوءِ شروع اتان ڪيائين ته اوهان جا اهي نعرا ٻڌي مون 12 آڪٽوبر 1999ع تي هڪ قدم وڌائي جنرل مشرف کي برطرف ڪري ڇڏيو هُئو، جڏهن فوجي جرنيل وزيراعظم هائوس ۾ کيس هٿڪڙيون هڻڻ لاءِ آيو ۽ هن منهن ورائي ڏٺو ته هڪ به پاڪستاني سڙڪ تي ٻاهر اچي کيس بچائڻ نه آيو، هن جي چوڻ موجب هو نه رڳو جيل ويو پر پاڪستان کان به ٻاهر هليو ويو.
اهو ٻڌي سڄو هال ٽهڪن سان گونجي ويو، ته پوءِ هاڻي جڏهن عام چونڊن ۾ رڳو هڪ سال رهجي ويو آهي ۽ جمهوريت نئين اليڪشن کان پوءِ مضبوط ٿي سگهي ٿي ته يارنهن سالن بعد اهو ئي نعرو هنيو پيو وڃي سو ڇو؟ ته نواز شريف قدم وڌاءِ اسان تو سان گڏ آهيون، جنهن جي ڪري نواز شريف کي ڏهن سالن تائين ملڪ کان ئي ٻاهر رهڻو پيو هو، ڇا نواز شريف کي لڳي ٿو ته هن ڀيري هن قدم وڌايو ته سڄي قوم ساڻس گڏ بيهي رهندي؟ يا وري نواز شريف انهن ڏهن سالن ۾ اهو سبق سکيو آهي ته کانئس هڪ بنيادي غلطي ٿي وئي هئي، جو هن اهو قدم پاڪستان آرمي جي هڪ سرونگ جنرل خلاف اٿاريو هو ۽ موت جي منهن ۾ وڃڻ کان ذري تان بچي ويو، سو هن ڀيري سوچي سمجهي هي فيصلو ڪيو آهي، چئي هن ڀيري جيڪو قدم وڌايو وڃي سو ڪنهن فوجي خلاف نه پر هڪ سويلين ليڊر ۽ سياستدان خلاف هئڻ گهرجي ته ان سان پنهنجي جان کي ڪو خطرو نه ٿو ٿئي ۽ ماڻهن جي دل جو غبار به وڏي پئماني تي نڪري وڃي ٿو ۽ ڀلا زرداري کان بهتر ان ڪم لاءِ ٻيو ڪير موزون ٿي سگهي ٿو، سو ميان صاحب جي حامين آصف زرداري کي چوڪ ۾ ڦاسي ڏيڻ لاءِ چونڊيو آهي، ڇاڪاڻ ته زرداري صاحب سڀني لاءِ پنچنگ بئگر بڻجي چڪو آهي ۽ موصوف به ايترو فول پروف ٿي چڪو آهي جو هاڻي ان تي نواز شريف، شهباز شريف، چوڌري نثار علي خان کان وٺي عمران خان، منور حسن، غنويٰ ڀٽو، ممتاز ڀٽو، فاطمه ڀٽو ۽ پاڪستاني ميڊيا جي ڳالهين جو ڪو اثر نه ٿو ٿئي ۽ جيڪو به سندس باري ۾ ڪجهه چوندو رهي هو هڪ مخصوص مرڪ سان ٽاري ڇڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته آخري مُڪو هن ئي ماريو آهي ۽ پنهنجي ان سوچ سبب ئي هو اڄ ايوان صدر ۾ 3 سال گذاري چڪو آهي.
ته ڇا شهباز شريف ۽ سندس دوست نثار علي خان جنرل ڪياني سان 6 ڳجهيون ملاقاتون ڪرڻ کان پوءِ نااميد ٿي ويو آهي سو هاڻي ماريو يا مري وڃو، جي پاليسي تي عمل پيرا ٿي ويا آهن يا وري پاڪستان آرمي صدر آصف زرداري کي هڪ سبق سيکارڻ ٿي گهري ته ڇو هن هڪ خط آمريڪي صدر کي اساما آپريشن کان پوءِ لکيو هو ته سندس حڪومت خلاف فوج بغاوت ڪري پئي سگهي. سو جيڪڏهن سندس ساٿ ڏنو وڃي ته هو آءِ ايس آءِ ۾ موجود افغان ۽ طالبان سيل ختم ڪري ڇڏيندا؟ سو فوجين سان رات جي اوندهه ۾ ملڻ جي شوقين شهباز شريف پاڻ اڳتي وڌي پنهنجا ڪلها فوج کي اڌارا ڏنا آهن ته حضور اسان ڪهڙي ڏينهن لاءِ انڌا ٿيا هئاسين.
فوج انهن حالتن ۾ زرداري کي ته شايد نه هٽائڻ چاهيندي هجي ڇاڪاڻ ته نواز شريف جي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جو سوچي ئي جنرل ڪياني ۽ ان جي جرنيلن کي خراب لڳي ٿو، پر شهباز شريف ذريعي زرداري کي ڊيڄاري رکڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي جو زرداري صاحب کي به ته خبر هجڻ گهرجي ته کيس ڦاسي جا مطالبا ڪندڙن جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ڊيڄاريندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ شهباز شريف آصف زرداري کي ڦاسي تي ابتو ٽنگڻ جو نعرو هڻي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪاپي ڪندي پنهنجي سامهون موجود ڪيتريون ئي مائڪون پنهنجي مُڪي سان پري اڇلائي ڇڏيون، ان مان يقينن سڀني ڏانهن اهو پيغام ويو آهي ته هاڻي پاڪستان ۾ پنهنجي سياسي مخالفن کي سياسي طور ختم ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ هاڻي کين جسماني طور ختم ڪرڻ جو منصوبو ٺهي چڪو آهي، نثار علي خان اڳيئي قومي اسيمبليءَ ۾ چئي چڪو آهي ته هو ڪو به بل جسماني طاقت سان روڪرائيندا.
شهباز شريف ته رڳو نعرو هنيو آهي ته هو پنهنجي سياسي مخالفن کي ابتو ٽنگرائيندا پر ان کان اڳ سندس پراڻي دوست جنرل مشرف ان نيڪ ڪم جي شروعات بدقسمتيءَ سان سندس وڏي ڀاءُ نواز شريف کان ئي شروع ڪرڻ جو منصوبو بڻايو هو، جڏهن 12 آڪٽوبر کان پوءِ نواز شريف تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائي کيس ڦاسي ڏيڻ جو پورو پروگرام ٺهي ويو هو، اهو ته الله ڀلو ڪري آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جو جنهن جنرل مشرف کي وارننگ ڏني هئي ته هو نواز شريف کي ڦاسي تي ٽنگڻ کان باز رهي، تنهن وقت نواز ليگ کي آمريڪا جي پاڪستان ۾ مداختلت تي ڪو اعتراض نه هو.
هاڻي سوال اهو ٿئي ٿو ته شهباز شريف ڪنهن خلاف تقرير ڪئي؟ ڇا هو واقعي حبيب جالب جا انقلابي شعر پڙهي سمجهي ٿو ته هو چي گويرا وانگر هڪ انقلابي ليڊر آهي جيڪو پاڪستان ۾ مصر وانگر انقلاب کي ليڊ ڪرڻ ٿو گهري، يا هو پنهنجو پاڻ کي عوام مان سمجهي ٿو، ان ڪري هو اڄ عوام سان ملي جاگيردارن، نوابن، سرمائيدارن خلاف خوني انقلاب آڻڻ چاهي ٿو، ڇا ڪنهن عام ماڻهوءَ جو پٽ عائشه ملڪ سان ٽئين شادي ڪري پنهنجي زال کي ٿاڻي ۾ سڄي رات پوليس کان تشدد ڪرائي ٻئي ڏينهن جج کان ڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ به وٺي سگهي ٿو؟ اهو ڪم رڳو حمزه شهباز ڪري سگهي ٿو…!!
شهباز شريف ڪيئن موٽر سائيڪل تي سواري ڪندو ڇاڪاڻ ته سندس ۽ سندس خاندان جي حفاظت تي هن وقت تائين هڪ ارب رپين جو روڪڙو خرچ ٿي چڪو آهي ۽ ان جي رپورٽ باقاعدي ايڪسپريس ٽربيون ۾ ڇپي هئي، کيس سائيڪل تي سواري ڪرڻي هئي ته اهو هڪ ارب رپيا ڇو خرچ ڪرائي ڇڏيائين، پهرئين ڏينهن کان ئي سائيڪل تي چڙهي ها؟ سوين ايليٽ فورس جي جوانن جون ڊيوٽيون، نواز شريف، شهباز شريف، حمزه شهباز، شهباز شريف جي ٻن زالن جي حفاظت تي لڳل آهن، هنن پنهنجي پنهنجي زالن جي گهرن کي وزيراعليٰ هائوس جو درجو ڏنو آهي جن جو خرچ الڳ آهي، هنن پنجاب حڪومت جون 14 وزارتون پنهنجو پاڻ وٽ رکيون آهن، شوگر ملن ۽ پنجاب ۾ پولٽري بزنس جو مالڪ هاڻي سندس پٽ حمزه شهباز آهي، سندس پارٽي جا پنهنجا اڳواڻ هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام پيا هڻن، ڪڏهن عابد شير علي، رانا ثناءُ الله خلاف جلوس ٿو ڪڍي ته ڪڏهن سردار ذوالفقار کوسي خلاف ڪرپشن تي وڏي وزير کي خط ٿو لکي، اسلام آباد مان سندن ايم اين اي انجم عقيل خان اڪيلي سر 6 ارب رپين جو فراڊ نيشنل پوليس فائونڊيشن سان ڪيو، ڏينهن جو ڏينهن پوليس تي حملو ڪري ڀڄي ويو ۽ پوءِ به کيس ضمانت ملي وئي، 2 ڏينهن اڳ مٿس پلاٽ اسڪينڊل جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، عدالت ڏهه ڀيرا سندس عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪئي آهي، عدالتن سان لاڳاپا ماشاءَ الله ايترا سٺا آهن جو گذريل ڏينهن اسپري جي خريداري ۾ ٿيندڙ گهوٻين خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فائل ڪيل هڪ پٽيشن دوران چيف جسٽس اعجاز چوڌريءَ پاڻ صحت جي وزارت جي آفيسرن کي چيو ته جناب اوهان اڳ ۾ وڃو ۽ شهباز شريف صاحب کان پڇي اچو، جيڪڏهن هو انڪوائري جا حڪم جاري ڪري ته کيس ڪو اعتراض ته نه ٿيندو.
شايد موجوده چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ به انسان آهي ۽ کيس به اهي عياشيون نظر اينديون هونديون، جن مان اڳوڻو چيف جسٽس خواجه شريف رٽائرڊ ٿيڻ جي هڪ سال پوءِ به اڃا تائين پنجاب حڪومت جي مهربانين ڪارڻ لطف اندوز ٿي رهيو آهي، سو ڪهڙي خبر ته ڪڏهن خراب وقت اچي وڃي، سو بهتر آهي ته ڊينگي اسپري اسڪينڊل ۾ به ڪا انڪوائري آرڊر ڪرڻي آهي ته خادم اعليٰ کان پڇي وٺجي ته ڪٿي هو ناراض ته نه ٿي ويندو؟ ته پوءِ اهڙيون عدالتون ته سڀني کي سوٽ ڪن ٿيون ۽ انهن لاءِ واقعي نواز ليگ کي پنهنجو تن، من، ڌن قربان ڪرڻ گهرجي.
مان حيران آهيان ته دونهيندار تقرير ڪنهن جي خلاف هئي ڇو ته شهباز ته پاڻ پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي تي حڪومت ڪري رهيو آهي، ته ڇا کيس پنهنجو پاڻ سان شڪايت آهي ته کانئس پنهنجو صوبو نه ٿو هلي ۽ هو پنهنجي صوبي ۾ ان وقت تائين ڪو ڪم نه ڪندو، جيسيتائين صدر زرداري ايوان صدر ۾ ويٺو هوندو، ته ڇا صوبي ۾ پوليس، تعليمي نظام، لاهور شهر ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ لوڪل گورنمينٽ نظام کي درست ڪرڻ ۾ زرداري رڪاوٽ آهي؟ هن جعلي ڊگري رکندڙ آفيسر کي نوڪري ڪنهن ڏني هئي، جنهن هزارين شاگردن جو آئيندو تباهه ڪري ڇڏيو آهي، شايد زرداريءَ، شهباز تاثير ۽ جنرل طارق مجيد جي ڄاٽي جي اغوا ۾ به شايد زرداري جو هٿ ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن پنجاب ۾ انقلاب اچي ٿو ۽ سياسي مخالفن کي ڦاسيون ملڻ شروع ٿي ٿيون وڃن ته شهباز شريف جو خيال آهي ته رڳو پ پ ۽ عمران خان جي ماڻهن کي ئي ڦاسي لڳندي يا وري ڪنهن توپ جو رخ سندس طرف به ٿي سگهي ٿو؟ ڇو ته گولي وانگر مڇريل ماڻهو به نه ڏسندا ته سندن پير ڪنهن جي ڳچيءَ تي پئجي رهيا آهن، ڇا عوام کي خبر آهي ته شريف ڀائرن بئنڪن جو 5 ارب رپين جو قرض 15 سال گذرڻ بعد به ادا نه ڪيو آهي؟
جڏهن زرداري خلاف ڪجهه چوڻ جي ضرورت هئي، تڏهن پنجاب جي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ شريف چپ رهيا ۽ زرداري کي اجازت ڏني وئي ته هو 34 ڪيس اين آر او ذريعي ختم ڪرائي، جن ۾ مرتضيٰ قتل ڪيس به شامل هو، اها اجازت ان ڪري ڏني وئي ته نواز ليگ ان وقت پ پ جي اتحادي هئي، زرداري خلاف ان وقت ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت هئي، هن وقت نه، جڏهن نظام مضبوطي طرف وڌي رهيو آهي، اهو رڳو ان ڪري ته ان وقت مفاد پرستي جي اها تقاضا هئي ۽ هاڻي به مفادن لاءِ ئي نئون کيل ڪيو ويو آهي.
جڏهن مال جي ورڇ ۽ وارن تي ئي هي ملڪ هلڻو آهي ته اڪيلي زرداري کي ئي ڦاسي جو مطالبو ڇو؟ ان جنرل محمود خلاف تقرير ڇو نه جنهن نواز شريف کي وزيراعظم هائوس مان گهلي ڪڍيو هو.
يا وري شهباز ۽ نواز فرينڊلي اپوزيشن جو ليبل لاهڻ چاهن ٿا، پر زرداريءَ کي به گهرجي ته قوم ۽ ملڪ کي اذيتون نه ڏئي، هن ڀيري زرداري صاحب ۽ سندس جيالا به ياد رکن ته اهو جو نڙي ڦاڙي رڙيون ڪن ٿا ته هڪ زرداري سڀ تي ڀاري ته اهي نواز شريف کي اهو طعنو ڏيڻ جي پوزيشن ۾ به نه رهندا ته ميان صاحب جيل ۾ مڇر جي چڪن جي ڪري روئيندو هو، جو هاڻي اهي مڇر کين به جيل ۾ رهڻ نه ڏيندا.
Shahbaz Sharif ko chahiye apni bahoo ko insaf dilayen.
زرداريءَ خلاف نعرا هڻندڙ پاڻ ڏانهن ڇو نه ٿا ڏسن!
رئوف ڪلاسرا

THANKS AWAMI AWAZ KARACHI SINDH