Will CJ Iftikhar Chaudhry resign this year? – by Ali Sher Mussali
There is a rumour in market of politics that a round of talks had taken place between CJ’s party Supreme League of Pakistan (SLOP) and Nawaz Sharif’s party PMN-N during 2009. Both parties reached an agreement that Chief Justice Iftikhar Chaudhry will resign at the end of 2011 and PML-N including other right wing political factions will offer him to be their joint candidate for the office of president of Pakistan.
God only knows whether this rumour is true or not but if it happened, it will be a gigantic political challenge for liberal, democratic parties such as ANP and PPP. Because CJ and his Jaan Nisars have expertise in mass mobilization and they will definitely get wider support from Mullah-Media-Military and Fake Liberals (Fake Civil Society – FCS) of Pakistan during election campaign which will be based on slogans against civilians’ corruption and USA.
We don’t know accurately what will be the political scene in 2013 but it will be great success for PML-N and it will be a hammer on Musharraf’s head because Musharraf had removed PML-N’s elected president (a bearded justice) of Pakistan in 2001.
PML (N) is determined to get revenge from Musharraf so this party surely will appoint a retired justice again as the president of Pakistan. But again Musharraf will be correct in his criticism of PML-N’s failure to produce any bearded president for Islamic Republic of Pakistan.
I don’t think it will be difficult for PML-N to defend their decision regarding selection of a retired Justice Iftakahr Chaudhry because a period of 14 years is enough for social evolution and enough to switch from bearded to non-bearded president of Islamic Republic of Pakistan. PML-N’s ideological mentor and training ground of its hawks like Ahsan Iqbal, Hanif Abbasi, the Islamo-fascists Jamaat Islami has already been transformed from JI (Qazi group) into its more vibrant faction Jamaat Islami (Imran Khan group), a bold and beardless version.
On other hand it will be a great rejoice for PML-N and other right wing factions in Pakistan because they will surely feel pride to be shadowed by another dim-full president of Islamic Republic of Pakistan.
bhai, yahan koi resign nahee karta bilkhasoos sarkari naukar! Inn kee to ayyashiyan lagee hayn!
CJ is playing a very safe game, why should he resign? Rule of law is only for smaller provinces and their leaderships. He would never touch PML-N, army and intelligence – they are above law.
Last night I happened to watch media “Dharna” on TV. The atmosphere was electric with the slogans and interviews. There were some politicians sitting there showing their solidarity with the media. But one gentleman’s (I just forgot who he was) said, “It is real sad, Parliament is silent on Saleem Shahzad’s brutal murder. But where is sue moto of Chief Justice. Atiqa Odho has been called for two bottles of intoxication, is this brutal murder less important than Odho’s crime?”. The gathering remained silent on this query, but I want to reply. This is a most stupid question to ask if you do knew what is going on. There are three strong reasons why suo moto is shy on this murder. One, his body was found in Mandi Bahauddin near Gujrat (Punjab govt. domain), Intelligence is doing some fine jobs in the country, they can not be dragged and sentenced even by apex court, this is No.2, and the third, Army would not like it. Bravo our independent judiciary. Pujab govt., Army and their intelligence agencies are above law. Rule of law is only for smaller provinces leaderships. Media also knows this art, they will only demean parliament, PPPs and bureaucrats appointed by them. They are not fool to confront coterie of Punjab government, Army and intelligence.
I guess the Chief Justice Chaudary is not holding that level of popularity anymore, what was observed during the movement for the restoration of Judiciary.
He has failed to fulfill the expectations to create a breakthrough at the social and judicial life in Pakistan.
There is an overall feelings of frustration due to a constant traditional delays on Judicial decisions.
Mian Nawaz Sharif’s PMLN , won’t get any extra ordinary benefits by playing this Card.
This move might damage the previous credibility of Mr. Justice Chaudry by exposing his partisan status.
Dear Javed Sheikh and Khalid Humayun thanks for positive and creative comments. CJ is very clever as we know how he had used political parties, ISI and Media for his restoration. I think he can dare once again and can say that this government is corrupt and it is not implementing SC’s decisions “So i am going to resign from the post of Chief Justice of Pakistan”.
Nawaz League is currently facing severe hardship in the political playground. Jamiat Islami (Possibly Jamait Dawa) will surely contest next elections as well PTI and if PPP and PML (Q)will convert their alliance as an election alliance…..
So there is no way for PML (N) to play in ISI hands once again.
Warm regards
AS Mussali
This Chief Justice is a bigger disappointment than a medicine of Desi Hakim for extra mardana taqat!!!
I hated him back when he was fired by Mush, there was something about him that didn’t fit right with me and now I stand vindicated.
This ugly mofo is just an opportunist who was looking to further his political career after retirement.
As far as Tind league is concerned, if they think throwing tantrums against ISI and GHQ would give them a land slide victory than they will be in for a surprise. PPP and PMLQ might form another government with Tind league sitting in the opposition with PTI.
سنڌ ۾ متبادل سياسي قيادت لاءِ اڀرندڙ موقعا!
نصير ميمڻ
گذريل مضمون ۾ اسان ان ڳالهه جو جائزو ورتو هيو ته ڪهڙي طرح پيپلز پارٽي موقعي پرستي ۽ خراب حڪمرانيءَ وسيلي سنڌ واسين کي مايوس ڪيو آهي ۽ سنڌ واسي هڪ بدترين فرسٽريشن مان گذري رهيا آهن. سوال هي آهي ته آخر ان جو حل ڇا آهي؟ سنڌ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين عام سنڌ واسي ان مونجهاري جو شڪار رهيو آهي ته جيڪڏهن هو سمورين ناراضگين جي باوجود پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ نه ڏئي ته پوءِ ڪيڏانهن وڃي؟ پيپلز پارٽيءَ جو اليڪشني سياست ۾ متبادل موجود نه هجڻ عوام لاءِ مونجهاري ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ موقعي پرستيءَ جو جواز رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت هميشه سنڌي ماڻهن جي ان خلوص ۽ مجبوريءَ جو ناجائز فائدو ورتو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڦري گهري مجبور ٿي کيس ئي ووٽ ڏيندا، ڇو ته هينئر تائين پيپلز پارٽيءَ جا مخالف ان کان وڌيڪ موقعي پرست، اسٽيبلشمينٽ جي مفادن جا رکوالا ۽ سنڌ جي مفادن جي لتاڙ ڪندڙ رهيا آهن. 1977ع ۾ ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ جنرل ضياءُ الحق سنڌين جو بدترين ويري هيو. 90ع جي ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ٻه ڀيرا زوري ختم ڪري ملڪ مٿان ايجنسين جي ٺهرايل اتحادن جون حڪومتون مڙهي سنڌ کي برباد ڪيو ويو. ساڳي طرح 1999ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا کان بدترين سولين راڄ مڙهيندڙ مشرف به سنڌ جي مفادن جو خراب حشر ڪيو. چاليهن سالن جي عرصي دوران پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌين لاءِ آئيڊيل چوائس نه هئي، پر جيئن ته ان جا مخالف ان کان وڌيڪ سنڌ دشمنيون ڪندا هئا، تنهن ڪري پيپلز پارٽي سنڌ واسين لاءِ Lesser evil رهي آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي اليڪشني سياست ۾ هڪ هٽيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به رهيو آهي ته سنڌ جي سياست ۾ ٻي اهم سياسي سگهه قومپرست تنظيمون هيون، جن شروع کان وٺي اليڪشني سياست کي غلط ۽ اجايو سمجهندي ان مورچي تي ڪڏهن به سنجيده ڪم نه ڪيو هو، جيتوڻيڪ قومپرست تنظيمون پنهنجي جدوجهد وسيلي سنڌ جي قومي مفادن تي سنڌ واسين کي ايتري قدر متحرڪ رکنديون آيون، جو پاڻي ۽ ڌاري آبادڪاري وغيره جهڙن مسئلن تي پيپلز پارٽيءَ کي به سندن موقف اختيار ڪرڻو پوندو هو، پر جيئن ته قومپرست ڌريون چونڊن واري سياست جو حصو نه بڻيون، تنهن ڪري اهو ميدان پيپلز پارٽيءَ لاءِ خالي رهيو. ويتر پيپلز پارٽي سنڌ جي قومي حقن واري اُڀار کي هميشه سنڌ ڪارڊ جي شڪل ۾ اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ لاءِ استعمال ڪندي رهي، اها بارگيننگ اقتدار جي ڊوڙ ۾ هڪ طاقتور ڌر طور پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ استعمال ٿي. پيپلز پارٽيءَ ڪڏهن به ان بارگيننگ جي نتيجي ۾ ملندڙ اقتدار کي سنڌ واسين جي مفادن جي رکواليءَ لاءِ استعمال نه ڪيو.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي متبادل نه اڀري سگهڻ جو هڪ ٻيو اهم ڪارڻ ڀٽي خاندان جو اهو سحر هو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ واسين هميشه پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ پنهنجو فرض ۽ شهيدن جي رت جو قرض سمجهي اهو حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو ڦاسيءَ تي چڙهڻ کان پوءِ ۽ بينظير ڀٽو ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ اهڙا ته ديو مالائي ڪردار بڻجي چڪا هئا، جو انهن جي موجودگيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور ڪنهن قيادت يا پارٽيءَ جو اڀرڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي پيو هو. 90ع جي ڏهاڪي ۾ محلاتي سازشن وسيلي بينظير ڀٽو جون ٻه حڪومتون ختم ڪرڻ، مرتضيٰ ڀٽي جي قتل ٿيڻ ۽ نواز حڪومت ۾ سنڌين جي ترقيءَ جا رستا بند ڪرڻ سبب سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي تمام گهري جذباتي موٽ مليل هئي ۽ وفاق جي سياست ڪندڙ ٻي ڪا به ڌر سندس مقابلي ۾ ڪَر نه کڻي سگهي.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ نسبتن عوامي مقبوليت رکندڙ قومپرست ڌرين سان خود ڪيئي مسئلا لاڳاپيل هئا. مثال طور قومپرست ڌريون جيئن ته چونڊن واري سياسي عمل جو حصو نه هيون، تنهن ڪري عام سنڌ واسي سنڌ جي حقن بابت سندن حمايت ۾ رهڻ جي باوجود کين پنهنجي روزمرهه جي مسئلن کان لاتعلقي محسوسي ڪندو هو. قومپرست ڌريون نظرياتي معاملن تي پنهنجي سياست ڪنديون رهيون، پر عام ماڻهو نظرياتي معاملن بجاءِ روزمرهه جي معاملن جهڙوڪ ٿاڻي، ڪورٽ، ٻڌ ڇوڙ، پاڻيءَ جي واري، زمين جي قبضي، سفارشي نوڪري، ٺيڪن، روڊ رستن، گئس ۽ بجلي جي سهولتن وارن معاملن ۾ اُلجهيل هو، تنهن ڪري هو انهن مسئلن جي حل لاءِ ڀوتارن جي سياسي مرڪزن جو طواف ڪرڻ تي مجبور هو، ان ڪري هنن قومپرست ڌرين کي اليڪشني سياست جو متبادل نه ٿي سمجهيو، 1988ع ۾ قومپرست ڌرين جن اليڪشني ڌرين کي پيپلز پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ حمايت ڪئي، انهن جا افعال ايڏا ته گندا ثابت ٿيا، جو سنڌ جي ماڻهن وري پيپلز پارٽيءَ کي ئي ووٽ ڏيڻ ۾ اوليت ٿي ڏني. ٻئي طرف قومپرست تنظيمن جي گهڻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ، هڪ ٻئي خلاف محاذ کڙا ڪرڻ جي نتيجي ۾ سنڌ واسين کين ڪا سنجيده سياسي ڌر تصور ئي نه ٿي ڪيو. ساڳي طرح قومپرست ڌرين بابت اهو تصور به عام رهيو آهي ته اهي ڀتا خور، قبضن وغيره جهڙن ڪرائيمز ۾ سرگرم رهيا آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته اليڪشني سياست ڪندڙ وڏيرا ۽ وچولي طبقي جا موقعي پرست همراهه وائيٽ ڪالر ڪرائيم ۾ قومپرستن کان گهڻو اڳڀرا رهيا آهن، پر جيئن ته هو اهو سڀ ڪجهه حڪومتي مشينريءَ وسيلي سرڪاري خزاني مان ڪندا رهيا آهن، تنهن ڪري عام ماڻهن کي انهن جي ڪروڙن جي ڪرپشن جو اندازو آسانيءَ سان نه ٿي سگهندو آهي. نه رڳو اهو، پر وقت اچڻ تي پارٽيون بدلائي پنهنجي ئي قيادت خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندڙن سان شامل ٿي هو سياسي اخلاقيات جي بدترين لتاڙ به ڪندا رهن ٿا، پر اليڪشني سياست ۾ ان نظريهءِ ضرورت کي ايترو برو قرار نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري سندن گناهن جو پڙاڏو ايترو ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي. جيتري قومپرستن جي ڪرتوتن تي ملامت ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي گذريل ٽن سالن دوران سنڌ ۾ جنهن بدترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ان جي نتيجي ۾ هاڻي سنڌ اندر ماڻهو ان جي پارلياماني متبادل جي ضرورت شدت سان محسوس ڪرڻ لڳا آهن. سنڌ جي پارلياماني سياست ۾ هونءَ ته ڇڙ وڇڙ قومپرست ڌريون هٿ پير هڻنديون رهيون آهن، جن ۾ رسول بخش پليجو، جلال محمود شاهه وغيره شامل آهن، پر هنن ڪڏهن به هڪ گڏيل پليٽ فارم تان پارلياماني سياست نه ڪئي آهي. هينئر پهريون ڀيرو سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪجهه معاملن تي گڏيل اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ اهي گڏجي ڪو اليڪشني اتحاد ڪري، پيپلز پارٽيءَ جو سنڌ اندر مقابلو ڪن. جيتوڻيڪ ڪجهه معاملن تي اهي ڌريون ويجهڙ ۾ ورهائجي به ويون، پر بهرحال اليڪشني سياست ۾ انهن جي اتحاد جا تمام گهڻا امڪان آهن. هن مرحلي تي قومپرست ڌرين جي گڏجي چونڊ وڙهڻ سان شايد چونڊ نتيجن ۾ هڪ دم ڪا غير معمولي ڊرامائي تبديلي نه به اچي سگهي، پر ان جا هيٺيان فائدا ٿيندا.
. سنڌي ووٽرن وٽ پيپلز پارٽيءَ سان بار گيننگ ڪرڻ لاءِ هڪ متبادل سياسي محاذ مجود هوندو، جنهن جي آڌار سنڌ واسي، پيپلز پارٽيءَ کان همدردين بجاءِ ووٽ جي عيوض پرفارمنس جي تقاضا ڪري سگهندا.
. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اهو سمجهڻو پوندو ته سنڌ مٿان سندن چاليهن سالن جي هڪ هٽي هميشه برقرار نه رهندي ۽ کين ڀارتي بنگال ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان ٿيل حشر کان بچڻ لاءِ سنڌ واسين ڏانهن پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا.
. خود قومپرست ڌريون ووٽ ذريعي سنڌ واسين ڏانهن جوابده ٿينديون، کين پنهنجي صفن کي درست ڪرڻو پوندو ۽ انهن روايتن کي ترڪ ڪرڻو پوندو، جن جي ڪري سنڌ ۾ کين هينئر تائين جوڳي سياسي موٽ نه ملي سگهي آهي.
. قومپرست تنظيمن کي اليڪشني سياست جو ڏانءُ سکڻ جو پهريون وڏو موقعو ملندو، ان کان اڳ ان سطح تي قومپرست تنظيمن اليڪشني سياست ۾ حصو نه ورتو آهي، ان طرح پارلياماني سياست جي نئين ميدان ۾ کين مختلف هنر سکڻ جو موقعو ملندو. جيڪڏهن عام چونڊن کان اڳ مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيون ته شايد قومپرست ڌريون مقامي سطح تي ڪيترن ئي هنڌن تي پيپلز پارٽي ۽ ٻين روايتي ڌرين کي اپ سيٽ ڪري سگهن ٿيون. ويجهن سالن ۾ مختلف قومپرست تنظيمن خاص ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عوام کي متحرڪ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان کان اڳ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو سربراهه پنهنجي تڪ ۾ اليڪشني سياست جو گهرو تجربو رکي ٿو. جيڪڏهن انهن ڌرين مستقل مزاجيءَ سان ان محنت کي سنجيدگيءَ سان جاري رکيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ هڪ مضبوط طاقت ٿي اڀري سگهن ٿيون.
. قومپرست ڌرين جي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ سان سنڌ جي اليڪشني سياست مٿان وڏيرڪي هڪ هٽيءَ ۾ ڏار پوندا. هن وقت تائين ذري گهٽ هر چونڊ تڪ تي ڀوتار جو مقابلو ڪنهن ڀوتار سان ئي ٿيندو آهي، يا وري وچولي طبقي جا اهڙا موقعي پرست نظر ايندا آهن، جن ڪرپشن ۾ ڀوتارن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. قومپرست تنظيمن وسيلي سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوان ۽ وچولي طبقي جي متبادل سياست جا بنياد پوندا ۽ ڊگهي مدي ۾ سنڌ اندر بدبودار ڀوتارڪي سياست جي هڪ هٽي ڪمزور ٿيندي ۽ سنڌ اندر مختلف سياسي روين جي شروعات ٿي سگهندي.
هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا موجوده سگهه ۽ وسيلن آهر قومپرست ڌريون وڏيرڪي طبقي جي والار هيٺ آيل سياست ۾ ڪو وڏو ڏار وجهي سگهنديون؟
منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن قومپرست ڌريون ڇڙ وڇڙ ٿيڻ بجاءِ گڏيل محاذ تان چونڊ عمل ۾ حصو وٺن ۽ چونڊن وقت اتحاد ڪرڻ وقت پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي پاليل عوام دشمن مهانڊن کان پاڻ بچائي پنهنجي ميرٽ تي چونڊ وڙهن ته اهي مستقبل ۾ وڏو ڏار وجهڻ جي شروعات يقينن ڪري سگهن ٿيون. قومپرست ڌرين لاءِ ڀوتارن جي ڀيٽ ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ ۽ انهن جيان ايجنسين جي آشيرواد حاصل ڪرڻ ڏکيو هوندو، پر عوامي حمايت انهن ٻنهي چئلينجز جو آزمايل حل آهي. ايندڙ نه ته ان کان ايندڙ چونڊن تائين قومپرست ڌريون پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور هڪ سگهاري ڌر بڻجي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اهي مستقل مزاج رهن ۽ هٿ ايندڙ ننڍي کان ننڍي موقعي جو ڏاهپ ڀريو استعمال ڪن. سندن چونڊن واري سياست جو محور نوجوان هجڻ گهرجي، جيڪي هاڻي هر تڪ ۾ هزارين ووٽن جا مالڪ هجڻ سان گڏ وڏيرڪي سياسي ۽ سماجي ڍانچي مان بيزار آهن ۽ تبديليءَ جا خواهشمند آهن. ان سڄي عمل دوران قومپرست ڌرين کي پنهنجي ساک کي سنڀالڻو پوندو. خاص طور تي پيپلز پارٽي مخالفت ۾ اهڙين ڌرين سان هٿ ملائڻ کان پاڻ بچائڻو پوندو، جن جو ماضي سنڌ دشمن آهي ۽ حال به اڻ چٽو آهي. وفاقي سياست جي ٻين اهم ڌرين جهڙوڪ نواز ليگ وغيره سان جيڪڏهن ڪا اليڪشني هم آهنگي ٿئي ٿي ته ان موقعي تي سنڌ جي مفادن بابت موقف چٽو هجڻ گهرجي، نه ته سندن ڳچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو مفاهمتي ماڊل پئجي سگهي ٿو، جنهن جو محور سنڌ ۽ سنڌ واسين جا مفاد نه، پر اقتدار جي ڊيگهه آهي. ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جا ووٽ اهڙي طرح سان ورهائجندا، جنهن سان سنڌ ۾ انهن ڌرين کي اقتدار تي قبضو حاصل ٿي سگهي ٿو، جن لاءِ سنڌ تي قبضو پراڻو خواب رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ ان قسم جي انديشن سان سنڌ واسين کي بليڪ ميل ڪرڻ بجاءِ، ان ممڪنه صورتحال جي ذميواري خود پيپلز پارٽيءَ تي لاڳو ڪرڻ گهرجي، جن سنڌ واسين جي ووٽن جي بي رحماڻي تذليل ڪري سنڌ واسين کي ان نتيجي تي پهچايو آهي ته جيڪڏهن سنڌ مٿان ڪن سنڌ دشمن ڌرين جو اقتدار اچي به ويو ته اهي به وڌ ۾ وڌ سنڌ کي اهڙو ئي نقصان پهچائي سگهن ٿيون، جيترو هيءَ حڪومت بظاهر سنڌين جي حڪومت سڏائي ڪري رهي آهي. آخر سنڌ جي برباديءَ جو ڪهڙو ڪرتوت رهيل آهي، جيڪو هيءَ حڪومت نه پئي آزمائي. منهنجي راءِ ۾ سنڌ واسين کي گهرجي ته هو ايندڙ چونڊن وقت پيپلز پارٽيءَ کان پنهنجي حقن ۽ مفادن جي رکواليءَ ۾ بدديانتي ڪرڻ بابت سخت پڇاڻو ڪن ۽ سنڌ جي چونڊن واري سياست ۾ پڇاڻي جي روايت جو بنياد وجهن. ان سان پيپلز پارٽيءَ جي متبادل طور اڀرندڙ ڌرين خاص ڪري قومپرست تنظيمن کي به ان ڳالهه جو احساس ٿيندو ته کين به مستقبل ۾ ذميواراڻي سياست جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته هو انهن طاقتن کان رڳو مختلف نه، پر بهتر ۽ مثبت به آهن، جن کي سڀاڻي جي سنڌ پنهنجي ووٽ وسيلي ٿڏڻ گهري ٿي.
هڪ هٽي مارڪيٽ تي هجي يا سياست تي، هڪ جيتري ئي خطرناڪ آهي. پيپلز پارٽي ان هڪ هٽيءَ کي سنڌ واسين جي تقدير بدلائڻ جو هاڻوڪو غير معمولي موقعو هٿان وڃائي ثابت ڪيو آهي ته ان وٽ سنڌ واقعي به هڪ ڪارڊ کان وڌيڪ حيثيت نٿي رکي. هنن جي لاءِ موقعو سنڌ جي نه، پر پنهنجي تقدير بدلائڻ جو وجهه هو، جنهن کي هنن هر طرح جي هٻڇ ۽ موقعي پرستيءَ سان نڀائي ثابت ڪيو آهي، تنهن ڪري هي وقت آهي ته سنڌ واسي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ وڏيرڪي سياست جي متبادل ڌرين ڏانهن هٿ وڌائن ۽ اهو پڻ غير مشروط نه، پر سنڌ جي مفادن سان مشروط هجڻ گهرجي.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: [email protected] —- [email protected]