حڪومتي صفن مان پڌرا ٿيل ”عوام دشمن“ راز – دستگير ڀٽي
حڪمران پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي وزير داخله رحمان ملڪ ۽ سنڌي اتحادي ڌر متحده قومي موومينٽ جي فرمائش تي اڄ کان ڇهه مهينا اڳ ۾ صدر آصف علي زرداريءَ پنهنجي سڀ کان پُراڻي ۽ ويجهي ۾ ويجهي ساٿي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان سنڌ جي گهرو معاملن واري وزارت جو قلمدارن ڇڏائي کيس پرڏيهي دوري تيIndefinite نموني اماڻي ڇڏيو هو. منهنجي خيال م جيڪڏهن مرحوم حاڪم علي زرداريءَ جي اوچتي وفات ڪارڻ نه بڻجي ها ته شايد ذوالفقار مرزا صاحب کي اڃا تائين جلاوطن رهڻو پوي ها، ۽ سندس ”اسي سيڪڙو وزير اعليٰ وارا اختيار“ رحمان ملڪ وٽ ئي رهن ها. نتيجي طور هنن ٻنهي وچ ۾ اختيارن وارو هاڻوڪو تِکو تڪرار آسمان جي بلندين تائين نه پهچي ها، يا وري ان کي اڃا گهڻو وقت لڳي ها. پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ڪرڻو هو. هونئن به پاڻ سنڌي ماڻهو سدائين معجزن وسيلي پنهنجو قومي وجود بچائيندا رهيا آهيون. معجزا به مختلف قسمن جا ٿيندا آهن. مثال طور 29 مئي 1988ع تي پاڪستان جي بدترين ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق جڏهن پنهنجي مرضيءَ سان مقرر ڪيل سنڌ جي هڪ صاف گو ۽ ايماندار وزير اعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته گڏوگڏ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبليون به ٽوڙي ڇڏيائين. ٻين ٻن صوبن جيان پنجاب ۾ ته هن پنهنجي نورِ نظر سويلين وزير اعليٰ ميان نواز شريف کي ئي برقرار رکيو پر سنڌ ۾ ڪجهه هفتن بعد گورنر راڄ مڙهي جنرل رحيم کي مڪمل اختيارن سان مقرر ڪيائين ته جيئن سنڌ جي عوام کان 1983ع واري ايم آر ڊي تحريڪ جو پلاند ڪرڻ واسطي سنڌ اندر ڌاڙيلن جي آڙ ۾ فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏجي، جنهن لاءِ تياريون به ماٺ ميٺ ۾ جاري هيون. پر جنرل رحيم جي گورنر مقرر ٿيڻ واري ڏينهن کان فقط چار ڏينهن پوءِ 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءَ جو جهاز ڪري پيو ۽ سنڌ جي شعور کي چٿڻ کان اڳ پاڻ فيصل مسجد ۾ دفن ٿي ويو. آئون انهيءَ حادثي کي معجزو سمجهندو آهيان.
ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي موجوده روش به معجزاڻي آهي. پر سندس معجزي مان منهنجي مراد اهڙو روڊ حادثو آهي، جنهن ۾ منزل ڏانهن سفر ڪندڙ ڪنهن لاريءَ يا بس اندر ٻائيتاليهه مسافر ويٺل هجن پر فقط هڪڙي ڊرائيور جي تڙ تڪڙ ۽ غلطيءَ سبب اها ڪلٽي ٿي پئي ۽ بس ۾ سوار سمورن مسافرن منجهان رڳو ٻه ڄڻا صحيح سلامت بچي ڳوٺ پهچن ته چوڌاري واهه واهه جو واڄٽ ٿي وڃي. ويچارا عام ماڻهو چوندا ته ڏسو ڪيڏو نه وڏو معجزو ٿيو آهي. پر تمام ٿورڙا ماڻهو اهو سوچيندا ته بس ۾ سوار ٻيا چاليهه ڄڻا چٽ ٿي ويا، رڳو هڪڙي ڊرائيور جي من مستيءَ جي ڪري. اصل معجزو تڏهن مڃجي ها، جڏهن باقي 40 ماڻهو به نه مرن ها. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به گذريل پوڻن چئن سالن دوران پنهنجي وزارت ۾ اکين سان ڏٺل واقعن ۽ ڪيترن ڪٺور وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون موجب سيکت نه ڏيارڻ واري پنهنجي بيوسيءَ جا سڀئي ڇوهه رحمان ملڪ تي ڇنڊي پريس ڪانفرنس جي پڇاڙيءَ ۾ صدر آصف علي زرداريءَ تان سر صدقي ڪرڻ ۽ پارٽيءَ سان وفادار رهڻ جا وچن ورجائي ساڻس (مرزا سان) همدردي رکندڙ سنڌين کي نصيحت اها ئي ٿو ڪري ته آئيندي ووٽ بلاول کي ڏجو. پاڻ اها به ڌمڪي ڏئي ٿو ته جيڪو به صدر زرداري خلاف ڳالهائيندو، ان کي آئون پنهنجو دشمن سمجهي ساڻس جهيڙو ڪندس. اسين صدر مملڪت سان مرزا صاحب جي ذاتي وفاداريءَ تي ارها نه ٿينداسين. ڊاڪٽر صاحب جو حق آهي ته هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري پر کيس اهو حق به نٿا ڏيئي سگهون ته خدا جي خلق جي سوچن تي پهرا ڏئي. شايد کيس خبر ئي ناهي ته نه رڳو سنڌ جا ماڻهو، پر سڄي ملڪ جا وطن واسي گذريل ساڍن ٽن سالن واري پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کان ايترا ته تنگ ۽ مايوس ٿي چڪا آهن، جو فقط ڪو نئون معجزو ئي سندن من ۾ زرداري صاحب ۽ سندس ساٿين لاءِ همدردي پئدا ڪري وجهي، باقي جيڪا همدردي مرزا صاحب تازن بيانن سان پاڻ ڪمائي آهي، سا به ڪافور ٿي ويندي جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئي ته هي ڊرامو آهي. ڪي ٽي اين تي ٻه ڏهاڙا اڳ ۾ Opinion with Ali Kazi دوران جڏهن ذوالفقار مرزا جي استعيفيٰ واري فيصلي متعلق علي قاضي تجزيو ڪري رهيو هو ته سوالن واري وقفي دوران لاڙڪاڻي مان زاهده سرگاڻي نالي هڪ اديءَ جو فون آيو، جنهن جي راءِ هئي ته وزارت ۽ پارٽيءَ تان استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ به جڏهن مرزا صاحب عوام کي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس پٽ بلاول زرداريءَ جي حمايت لاءِ اپيل ٿو ڪري ته پوءِ اسان غريب عوام لاءِ، جيڪي موجوده سرڪار مان بيزار آهيون آخر ڪهڙو فرق پوندو؟ زاهده چيو ته حڪمرانن اسان کي ساڍن ٽن سالن ۾ پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. صدر زرداري کي ٻوڏ ستايل ماڻهن جي به پرواهه ناهي، تڏهن ته ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪندو رهي ٿو. آئون اديءَ جي ڳالهه سان سهمت آهيان. اهو صدر زرداريءَ جو اڳواٽ جڙيل شيڊيول آهي يا هڪڙو اتفاق آهي ته هيل به تباهيءَ واري موسم ۾ پاڻ چين پيو گهمي، جيئن گذريل سال مها ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ پڻ ڏتڙيل ۽ دربدر ٿيل مسڪين ماڻهن وٽ پهچڻ بدران انگلينڊ ۽ فرانس جا ڊگها دورا پئي ڪيا. ٻيو ته ٺهيو چڪرا ڳوٺ ۾ گولين جو شڪار ٿي اسپتال داخل زخمي سنڌي ماڻهن کي پڇڻ لاءِ به ڪو ذميدار سرڪاري سياستدان اڃا تائين نه پهتو آهي. اهڙن عوامي معاملن لاءِ شايد سرڪار وٽ ٽائيم ئي ڪونهي.
بيشڪ گهڻن ليکڪن ۽ سياسي مبصرن جي راءِ اها ئي آهي ته ذوالفقار مرزا ڪنهن ماسٽر پلان تحت وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ ۽ پيپلز پارٽي جي اتحادي ڌر متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن خلاف زهريلا بيان ڏيئي رهيو آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه دير واسطي اسين هن اصول ته ”اهو نه ڏسو ڪير پيو ڳالهائي، اهو ضرور ڏسو ۽ ٻڌو ته هو ڇاپيو ڳالهائي“ تي عمل ڪندي مرزا صاحب پاران ڪيل انڪشافن جيContent (مواد) تي ويچار ڪريون ته ڏيندين آڱريون اچيو وڃن ته، مار! سنڌ جي حفاظت جو ذميدار سنڌ جو گهرو معاملن وارو وزير ههڙا خطرناڪ راز سالن کان پنهنجي سيني ۾ سانڍيو ويٺو هو فقط ۽ فقط ”مفاهمت“ خاطر، جڏهن ته ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ مسڪين ماڻهو پکين جيان شڪار ٿيندا رهيا. نتيجي طور گذريل ٽن سالن اندر دهشتگردن هٿان بي موت مارجي ويل اهڙن بي گناهه انسانن جو تعداد ٽن هزارن کان به ٽپي ويو.
بهر حال هن جيڪي به الزام هنيا آهن، سي نه رڳو نهايت سنگين، سک ڦٽائيندڙ ۽ خطرناڪ آهن، بلڪه ملڪ جي وجود سان گڏوگڏ پاڻ سنڌين جي به بقا ۽ سلامتي يعني جيئڻ ۽ مرڻ سان واسطو رکن ٿا. انٽيليجنس واري رڪارڊ تائين رسائي هئڻ ڪري سندس معلومات اسان سڀني کان وڌيڪ بهتر ۽ اونهي آهي. اچو ته الزامن جي فهرست تي نظر ڊوڙائيون.
(1) متحده قومي موومينٽ وارا نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ تي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ان مقصد خاطر سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ ۽ ريڊ انڊين بنائڻ جا سانباها پيا ڪن.
(2) متحده جو مسٽر بابر غوري ڪجهه مهينا اڳ جڏهن پورٽ ۽ شپنگ جو وفاقي وزير هو ته انهن ڏينهن ۾ نئٽو (NATO) جا هٿيارن ۽ بارود سان ڀريل هزارين ڪنٽينر غائب ڪرايا ويا، ٻڌايو ته اهي هٿيارن جا ذخيرا ڪٿي آهن؟
(3) متحده وارن جي سڄي چال اها آهي ته ڪنهن به حالت ۾ سنڌ اندر سندن تنظيم جو وزير اعليٰ مقرر ڪرائين ته جيئن چيف ايگزيڪيوٽو اٿارٽي سندن ڪنٽرول هيٺ اچي ۽ هو اسان سنڌين جا حڪمران بڻجي وڃن.
(4) الطاف حسين برطانيه جي اڳوڻي وزير اعظم ٽوني بليئر کي خط لکي اها درخواست ڪئي ته پاڪستاني فوج جي سڀ کان اهم جاسوسي اداري ISI کي ختم ڪرايو ۽ ايم ڪيو ايم هن سلسلي ۾ اوهان جو مڪمل ساٿ ڏيندي.
(5) الطاف حسين لنڊن ۾ مون کي سينئر صوبائي وزير پير مظهر الحق جي موجودگيءَ ۾ ٻڌايو ته آمريڪا پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ گهري ٿو ۽ انهيءَ پلان ۾ اسين دل ۽ جان سان شريڪ آهيون.
(6) ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي انسانن کي مارڻ وارين وارداتن ۾ جيترا به ڏوهاري جهليا ويا آهن، تن ۾ سڀ کان وڏو انگ ايم ڪيو ايم جي Culprits جو آهي.
(7) مون سنڌ جي وزير داخلا واري حيثيت ۾ ايم ڪيو ايم سان واسطو رکندڙ ويهه سزا يافته اهم ڏوهاري ڪراچي جيل مان سنڌ جي ٻين شهرن جي جيلن ۾ شفٽ ڪرايا، ڇو ته هو جيلن منجهان پڻ پنهنجو ڏوهاري نيٽ ورڪ هلائيندا رهندا هئا. پر تازو پرچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عشرت العباد ٻيهر گورنر ٿين شرط انهن کي واپس ڪراچي منتقل ڪرائي ڇڏيو آهي.
(8) ڪراچي شهر جي ٻنهي بندرگاهن تان روزانو نڪرندڙ هزارين گاڏين، ٽرڪن ۽ ڪنٽينرن مان هر هڪ تي متحده وارا پنج هزار في گاڏي جي حساب سان وصول ڪندا آهن، جيڪو عام طرح هڪ ڪروڙ رپيا روز بڻجي ٿو ۽ رش وارن ڏينهن ۾ ڏيڍ کان اڍائي ڪروڙ ٿيو وڃي.
(9) الطاف حسين ۽ لنڊن ۾ موجود سندس ڪجهه ساٿي سنڌ مان وصول ٿيندڙ ڀتو برطانيه جي ڪلبن ۾ ذاتي سهولتن تي خرچ ڪندا رهن ٿا.
(10) ايم ڪيو ايم جي هٿياربند جٿن ۾ شامل هزارين ڏوهارين وٽ راڪيٽ لانچرن کان علاوه ائنٽي ايئر ڪرافٽ گنز ۽ مورٽر توبون به آهن، جيڪي فقط فوجين وٽ هونديون آهن. آخر شهرن ۾ اهي هٿيار ڪيئن آيا ۽ ڪنهن کي مارڻ لاءِ آيا؟
(11) ڪراچيءَ ۾ جاري آپريشن هڪ طرفو آهي، ڇو ته ايم ڪيو ايم جا ڏوهاري رينجرس جي گاڏين ۾ چڙهي مخالفن خلاف ڇاپا هڻائي رهيا آهن.
اتحادي جماعت تي لڳايل مٿين نهايت ئي سنگين الزامن کان سواءِ ذوالفقار مرزا صاحب پنهنجي ٽي وي انٽرويوز ۽ پريس بيانن ذريعي پنهنجي پارٽي سان واسطو رکندڙ رحمان ملڪ جهڙي اهم سرڪاري عهديدار تي جيڪي تهمتون هنيون آهن، سي به گهٽ خطرناڪ ناهن. مثال طور مرزا صاحب چيو آهي ته سنڌ جي گهرو وزير جي حيثيت ۾ هو جڏهن به دهشتگردن جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهندو هو ته اوچتو رحمان ملڪ ڪراچي پهچي سندس ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ڇڏيندو هو. سدائين بهانا بڻائيندو هو ته اوهين مهيني ٻن تائين صبر ڪريو، ڇو ته اسان کي ايم ڪيو ايم سان ٺهي هلڻ جي ضرورت آهي. مرزا چيو ته جڏهن به ڏوهارين کي ميڊيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ هو تياري ڪندو هو ته رحمان ملڪ خبر ناهي ته ڪيئن ڪراچيءَ ۾ نازل ٿي ويندو هو ۽ سڄو ٺهيل ڪم ڦٽائي ڇڏيندو هو. جيڪڏهن اسلام آباد مان پي آءِ اي واري جهاز ۾ سيٽ نه ملندي هئس ته وزير اعظم جي ذاتي جهاز يا ڪنهن اداري جي جهاز ۾ چڙهي ڪراچي پڄندو هو ۽ سمورا معاملا اهو چئي کانئس کسي وٺندو هو ته، ”مون کي صدر صاحب ۽ وزير اعظم اماڻيو آهي ته ڪراچيءَ جي حالتن مٿان ضابطو آڻيان.“ ذوالفقار مرزا پنهنجي چارج شيٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته دهشتگردن کي ڇڏائڻ مهل رحمان ملڪ سنڌ حڪومت جي اعليٰ عهديدارن کي اهو چئي ڊيڄاريندو هو ته ايم ڪيو ايم وارن جا فوجي سربراهه ۽ آءِ ايس آءِ چيف سان تمام گهاٽا لاڳاپا آهن. سندن ماڻهو آزاد نه ڪنداسين ته فوج اسان جي حڪومت ڊاهي ڇڏيندي ۽ پوءِ 15 سالن تائين پيپلز پارٽيءَ کي حڪومت ۾ اچڻ نه ڏيندي. اهڙا ڊپ ڏياريندو هو ۽ اسان حڪومت ڊهڻ جي خوف وچان پڪڙيل دهشتگردن کي آزاد ڪري ڇڏيندا هئاسين. آئون مڃان ٿو ته واقعي اسين حڪومت کي چهٽيل رهڻ واري لالچ ۽ بزدليءَ جو شڪار هئاسين. ذوالفقار مرزا پهريون ڀيرو اهو به مڃيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو حيات هجي ها ته ههڙي قسم جي مفاهمت کي ٿُڏو هڻي ڇڏي ها، هوءَ قاتلن ۽ رهزنن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪري ها.
نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انهيءَ انٽرويو ۾ جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان سوال ڪيو ويو ته هو هيترن سالن کان انٽيليجنس واري حساس معلومات پاڻ وٽ رکيو ويٺو هو ۽ عوام کي آگاهه نه ڪيائين، ان جو سبب ڇا هو؟ جواب ۾ هن چيو ته اوهين سچا آهيو. برابر اهو منهنجو فرض هو ته سنڌ جي وزير داخلا واري حيثيت ۾ اهڙن اطلاعن تي هڪدم ائڪشن وٺان ها پر ڀلي اوهان مون کي بزدل چئو يا لالچي سمجهو، ڇاڪاڻ ته آئون بروقت قانوني قدم کڻي نه سگهيس. مرزا صاحب کان سوال ڪيو ويو ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ هن جواب ڏنو ته مٿان کان اهڙو حڪم ملندو هو. جڏهن مٿس زور ڀريو ويو ته مٿان کان حڪم ڪير هلائيندو هو ته هن هڪ دفعو وري به رحمان ملڪ جو نالو کنيو ۽ چيائين ته هو مون کي جهليندو رهيو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان صحافين پڇيو ته آخر توهان ملڪ جي صدر ۽ وزير اعظم کي دانهن ڇو نه ڏني؟ ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان لاءِ آئون پاڻ کي ڏوهي سمجهان ٿو. ساڳئي وقت ذوالفقار مرزا حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين کي خطاب مهل اهو به چئي ويو ته پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ هن جڏهن اها ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ڇڙٻون ڏيئي ماٺ ڪرايو ويو. ان کانپوءِ بقول سندس هو ٻه ڀيرا آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل شجاع پاشا سان ثبوتن سميت وڃي سندس هيڊ ڪواٽر اسلام آباد ۾ مليو. اتي کيس ايم ڪيو ايم جي وطن دشمن ڪارروائين کان آگاهه ڪندي چيائين ته هاڻي ڇا لاءِ دير پيا ڪريو. هڪدم ڪراچيءَ ۾ فوجي آپريشن شروع ڪريو، ڇاڪاڻ ته اهو شهر پاڪستان جو اقتصادي ۽ ڪاروباري مرڪز آهي، جنهن کي دهشت گرد جڏهن چاهين 15 منٽن ۾ اپاهج ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته آئون پاڪستاني فوج جي سپهه سالارن کي اپيل ڪري چڪو آهيان ۽ هڪ دفعو وري به کين اپيل ڪريان ٿو ته جيڪو شهر سڄي ملڪ کي پالي ٿو، ان کي بچائڻ اوهان جو به فرض آهي. هتي هزارين هٿيار بند راڪيٽ لانچر ۽ ٻيا موتمار هٿيار کنيو پيا ماڻهو مارين، انهن غدارن کي ختم ڪرڻ لاءِ هاڻي اٿي کڙا ٿيو. هيءَ جيڪا اسان جي ملڪ پاڪستان جي Slow Death (آهستگي وارو موت) ٿي رهيو آهي، ان کي روڪڻ لاءِ بهتر آهي ته هڪڙو آخري ۽ ستت فيصلو ٿيڻ گهرجي. هر مهيني سئو يا ڏيڍ سئو انسان قتل ٿين پيا، ان جي بدران دهشتگردن جا هڪ ئي وار سان ڏهه هزار ساٿي ماري ڇڏجن ته شهر ۾ هميشه لاءِ آرام ۽ امن ٿي ويندو، ماڻهن جي جان ۽ مال، عزت ۽ آبرو محفوظ ٿي ويندي. غريب ماڻهو روزي ڪمائڻ جهڙا ٿي ويندا ۽ اوهان کي دعائون ڏيندا. تنهن ڪري آئون (ذوالفقار مرزا) سمجهان ٿو ته هيءُ سودو مهانگو ناهي.
Posted from Daily Kawish