اسان ڪنهن کي منتخب ڪيون؟ شاهد شاه
هاڻوڪي ڏينهن ۾ جتي هڪ طرف مون جهڙا وائٽ ڪالر مڊل ڪلاسي ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي هن سوال تي ٻڏتر جو شڪار آهن ته11 مئي تي جيڪڏهن اليڪشن ٿيا ته پولنگ بوٿ تي وڃي مهر ڪهڙي نشان تي هڻجي. منتخب ڪرڻ لا۽ مون وٽ هڪ طرف سسي وڍڻ وارا ته ٻئي طرف ڪپڙا لاهڻ وارا ڏنا ويا آهن ۽ چيو ويوآ ته هاڻ ضمير جو فيصلو ڪريان،جيڪو مونکي نا قابل پاس امتحان وانگر محسوس ٿئي ٿو.پر مشڪل هن وقت وڌي ٿي وڃي جڏهن هڪ عام ماڻهواهو سوال ٿو ڪري تو مان ووٽ ڇا لا۽ ڏيان؟
حقيقت ۾ توهان ڪيترا به جمهوريت پسند ڇو نه هجو ۽ انداز گفتگو متاثر ڪن ۽ ڳالهيون وزندار ۽ مدلل هجن پر عام ماڻهو کي سمجهائڻ لاء دليل کان وڌيڪ حوصلي جي ضرورت پويِ ٿي. پونئين پنجن سالن ۾ جيڪي نام نهاد جمهوري سويلين حڪومت ڪيو ڄڻ ته عوام کان کين ووٽ ڏيڻ ڪري بدلو پئي وتن،جو اڄ مشرف جو آمرانه دور به عوام کي بهتر لڳڻ لڳو آهي.خير مان توهين جمهوريت جي ارتقاب کان پهريائين عرض ڪريان ٿو تو ته بري کان بري جمهوريت سٺي کان سٺي آمريت کان بهترآهي.پر هي ڳاله عام ماڻهو کي سمجهائڻ هڪ چيلنجنگ سوال اهي.
انتخابات جي گهماگهمي آهسته آهسته وڌندي نظر اچي پئي،انهي ئي حساب سان عوامي حلقن جا اهي اميدوار جيڪي ان کان اڳ افسانوي ڪردار تصور ڪيا پئي ويا ۽ پنج سال الائي ته ڪهڙي سياري تي رهندا هئا پر اڄ هر گھٽي هر محلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهرايندڙ پنج سالن لا۽ بي لوث خدمت ڪرڻ جا دعوا ڪندي نظر اچن پيا. عوام ڪنهن کي منتخب ٿو ڪري اهو اليڪشن کان پو۽ خبر پئجي ويندي پراليڪشن کان پهريان عوام وٽ رهجي ويل آپشنن تي غور ڪريون ٿا.
هاڻونڪي اليڪشن کي جتي هڪ طرف مذهبي جماعتون،سيڪولر ۽ نان سيڪولر جي وچ تي مقابلو چئي چڪيون آهن،جنهن کي ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته ٿيندڙ اليڪشن طالبان دوست۽ طالبان دشمن تنظيمن جي وچ تي آهي ته غلط نه هوندو.ملڪي حالتون اڳ ئي ڳڻتي جوڳي هيون،اهڙن حالتن ۾ پرامن ۽ صاف شفاف اليڪشن هڪ تمام وڏو چيلنج آهي.اسانجي ملڪ جي لبرل ڪيمپ جنهن ۾ پي.پي،ايم.ڪيو.ايم ۽ اي.اين.پي قابل ذڪر آهن،پنج سال اقتدار جا مزا لٽائڻ کان پو۽ جتي هڪ طرف عوام جي احتساب جون منتظر آهن،ساڳي ئي وقت طالبانن جا آئي ڏينهن حملا سندن انخابي مهم کي وڏو ڌڪرسايوآهي.ساڄي ۽ الٽرا ساڄي پاسي واري جماعتون،جيڪي نوازليگ جي قيادت ۾ وڏي پئيماني تي انتخابي مهم ۾ مصروف نظر اچن پيون ۽ طالبان دوست تنظيمون هئڻ ڪري ڪافي رعايت به وٺن پيون،انهي جي مد مقابل لبرل جماعتون مظلوميت جو روئڻو روئن پيون ۽ نگران حڪومت کان دهشتگردن خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪرڻ تي سوال ڪري رهيون آهن،اها ٻي ڳالهه آهي جوکانئن پچيو وڃي تـه توهان پنج سال باقي ڇا پئي ڪيو؟
حقيقت ته اها آهي ته پيپلزپارٽي حڪومت ۾ ايندي ئي بجاء عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ، جمهوريت جي خلاف سازش جو راڳ ڳائيندي رهي،سنڌ ۾ متنازعه بلدياتي آرڊيننس،ٻيٽن جو وڪرو،هندن جو اغوا ٿيڻ سميت ڪراچي ۾ رت جي هلندڙهولي اخبارن جي شه سرخي رهي.گڏوگڏ پي.پي جو پنهنجي وزير ۽ گورنرجي شدت پسندن جي قتل تي تعزيتي ميڙاڪو به نه ڪرائڻ الٽرا ساڄي پاسي سان تضاد نه وڌائڻ جي مترادف سمجهيو پيو وڃي.دهشتگردي،ڪرپشن،اقرباپروري،مهنگائي،معشيت جي تباه حالي ۽ بدترين لوڊشيڊنگ جهڙا سنگين مسئلا حل ڪرڻ بجا۽ ،گهڻوڪري ته پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ممبرن جي قابليت جي بنياد تي مسئلن ۾ اضافي جو سبب بڻجندي رهي. ان سڄي ڪاروائي ۾ اتحادين به بهرپور ساٿ پئي ڏنو،ايم.ڪيو.ايم ڪڏهن اپوزيشن ته ڪڏهن حڪومت جي راند،پنهنجي وڌيڪ رعائيتن لا۽،پنهنجن آقائن جيئان ” ڊو مور“ وانگر ”گو مور“جو مطالبو ڪندي نظر آئي. اي.اين.پي قومپرستي کي ڇڏيندي ،جيتوڻڪ دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ۽ پنهنجي سيڪولر نظريات جو بهرپور دفاع ڪندي رهي.پر عوامي ۽ ملڪي مسئلن تي پنهنجن حليف جماعتن جيان چپ جوروزو رکندي آئي.
ٻئي پاسي فرينڊلي اپوزيشن جي نالي سان مشهور نوازليگ ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب تي اقتدار ۾ رهندي،ماضي جيان ييلو ڪيپ موٽروي اسڪيم وانگر سستي روٽي اسڪيم،ليپ ٽاپ،ميٽرو بس، ۽ دانش اسڪول جهڙيون غير دانشمندانه،غير موثر ۽ غير پيداواري اسڪيمن ۾ عوام جو پيسو زيان ڪندي رهي.هڪ طرف صوبي ۾ اقليت برادري سان ناروا سلوڪ ٿيندو رهيوته ٻئي طرف اهي به اطلاعات آهن ته صوبائي حڪومت جي بجٽ مان خطير رقم لشڪر جهنگوي،لشڪرطيبه جهڙين ملڪي آئين موجب ڪالعدم تنظيمن جي مالي معاونت پڻ ڪندي رهي ۽ گڏوگڏ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هنن ئي جماعتن جي رهنمائن کي ٽڪٽ ڏيڻ، نوازليگ جو الٽراساڄي ڌر جي قوتن جونمائندو هئڻ ثابت ڪري ٿو.
جي.يو.آئي ۽ جماعت اسلامي ته جهاد جون نت نيون تعريفون بيان ڪندي،طالبانن جي لڪ چپ ۾ سرپرستي ڪنديون رهيون آهن.21 صدي ۾ رهندي به رجعت پسند سوچ ۽ قرون وسطي جا خيالات اپنائيندي ملان عمر جي افغانستان کي رول ماڊل ٻڌائن ٿيون. سندن ( ايم.ايم.اي )جي جڏهن حڪومت هئي،ته عسڪريت پسندي کي ايترو ته عروج بخشيون جو جنت نما وادي سوات تي به پنهجي ملڪ جي رياست جي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ آخرڪار مجبورا فوج کي آپريشن ڪرڻو پئجي ويو.
ان ساڳي صورتحال ۾ عمران خان،جيڪو ٽين قوت جو دعويدارآهي،۽ تبديلي جهڙو خوشنما نعرو هڻندي پراڻي نظام خلاف صدائي انقلاب بلند ڪندي نظر اچي ٿو،جنرل پاشا کانپوا۽ عمران جوانقلاب ڄڻ رد انقلاب جو شڪارٿي ويو آهي30نومبر جي جلسي کانپو۽ لوٽن کي نظرياتي چئي خوش آمديد چوڻ وارو اهو ئي عمران پنهنجي نظرن کان اوجهل ٿيندڙاليڪٽبلز کي رخصت ڪندي پاپولر سياست جو هٿڪنڊو اپنائيندي نوجوانن کي اڪيلي سر، ملڪ جي ٻن وڏن برج نما قائدين سان مقابلوڪرائي رهيو آهي،طالبان خان جي نالي سان مشهورعمران خان پنهنجي پارٽي جي اندر پريشر گروپ هٿان مجبور ٿي جماعت اسلامي سان اتحادنه ڪري سگھڻ ان جي پروطالبان اسٽينڊ ۾مصالحانه رويي جو عنديوڏئي ٿي۽ تازو ئي پنهنجي روحاني بائرن طالبانن کي اليڪشن تائين ڌماڪا نه ڪرڻ جوچوڻ، ٻيو ڪجهه به نه پر سندس اقتداري حوس جو اظهار آهي.اچانڪ ايم.ڪيو.ايم سان به سخت گير مان نرم گوشه ٿي وڃڻ،هن ڳالهه جوواضع ثبوت آهي ته انقلاب کان مصلحت تائين جوسفراقتدار تائين هر حال ۾ رسائي ممڪن بنائڻ آهي.
هن دفعي اليڪشن ۾ قومپرست تنظيمون به بيٺيون آهن جيڪا خوش آائنده ڳالهه به آهي.پر قومپرست حضرات ان وقت تشويش ۾ مبتلا ڪري چڏين ٿا، ڇوته قومپرستي پنهنجي جوهر۾ سيڪيولر ۽ سامراج دشمن هوندي آهي پر هتي ته گنگا ابتي پئي وئي ، هڪ پاسي قومپرست رجعت پرستن سان بيٺا آهن ته ٻئي پاسي سامراج کان وري آزادي جا طلبگار آهن.
پهريائين اهو چيو ويندو هو ته سياست ساڄي ۽ کاٻي ڌر وچ ۾ ڪشمڪش جو نالو آهي پرهاڻي کاٻي ڌر جي سهل پسندي،موقع پرستاڻي سياست ۽عمل کان پري رهي، پنهنجي نظرياتي اثاث، يعني محنت ڪش طبقي جي بجاءِ رڳو مڊل ڪلاس ۾ ئي محدود ٿي وڃڻ ڪري هاڻ سياست رڳو ساڄي، الٽرا ساڄي نام نهاد لبرلز جي سرڪل ۾ئي گهمندي نظر اچي پئي.البته هن اليڪشن ۾ ڪجهه کاٻي ڌر جون تنظيمن پاران اليڪشن ۾اميدوار بيهارڻ هڪ جمود کي ٽورڻ جي معمولي ڪوشش ئي صحيح،عوام کي نظرياتي بنيادن تي پاڻ کي بطور کاٻي ڌرهڪ متبادل ڏيڻ طرف پيش قدمي ضرور آهي.
ان اليڪشن ۾ بيروني هٿ به انتهائي اهم آهي.جتي هڪ طرف سعودي عرب رجعت پرست قوتن جي پشت پناهي ڪري پيو۽ اتي ئي پنهنجن مفادن هيٺ آمريڪا لبرل ڪيمپ جي پٺي ٺپي رهيو آهي، جڏهن ته ان موقع تي پنهنجي اندروني خلفشارن ڪري ملڪي اسٽيبلشمينٽ تقسيم جو شڪار آهي ۽ ان ۾ واضع طور تي ٻئي رجحان ملن ٿا.
آخر ۾ اهو ئي عام ماڻهو وارو سوال اڃان به رهجي ٿو وڃي ته ٿيندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڪنهن کي ۽ ڇو ڏجي؟ ۽ موجود نظام ۾ ايندڙ پنجن سالن لاءِ پنهنجي استحصال لاءِ ڪنهن کي منتخب ڪجي؟ ڇو جو ڪنهن وٽ به انهن مسئلن لا۽ منشور ته ڇڏيو پر رستو ئي ناهي.